اسلام آباد (بيورو رپورٽ) فوجي عدالتن ۾ سولينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف ٻڌڻي هلائيندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ ٽٽي پئي، سپريم ڪورٽ بينچ جي نئين سر جوڙجڪ لاءِ معاملو ججز ڪاميٽي ڏانهن اماڻي ڇڏيو،سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن خلاف ڪيس تي 9 رڪني لارجر بينچ جڙندي يا 6 رڪني بينچ ئي ڪيس ٻڌندي؟ 6 رڪني لارجر بينچ معاملو ٻيهر پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي کي موڪليو، سپريم ڪورٽ فوجي عدالتن جا فيصلا عدالتي رڪارڊ تي آڻڻ جو حڪم ڏنو، جسٽس شاهد وحيد چيو ته فوجي عدالتن جي فيصلي سان معلوم ٿيندو ته ٽرائل ۾ ڪهڙو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته ڏسڻ چاهيون ٿا ته مرضي جي وڪيل جي سهولت ڏني وئي يا نه؟ جسٽس امين الدين چيو ته فوجي عدالتن جي فيصلن کي سپريم ڪورٽ جي حتمي فيصلي سان مشروط رکيو ويو آهي،  اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته عيد تي 20 جوابدار آزاد ٿي گهرن ڏانهن وڃي چڪا آهن، جسٽس ميان محمد علي مظهر اٽارني جنرل کان پڇيو ته ڇا آزاد ٿيل جوابدارن خلاف هاڻي ڪو به ڪيس نه آهي؟ ان تي عدالت ۾ موجود اعتزاز احسن پنهنجي سيٽ تان اٿي چيو ته انهن جوابدارن کي سزا يافته بڻائي گهر اماڻيو ويو آهي، هڪ جوابدار کي ٽرائل کانسواءِ سزا يافته بڻايو ويو ۽ هاڻي هو لڪندو پيو وتي،  ٻڌڻي دوران حامد خان چيو ته اسان رٽ پٽيشن پڻ داخل ڪرائي ڇڏي آهي، ان تي جسٽس محمد علي مظهر چيو ته في الحال ته بئنچ تي ئي اعتراض ٿي رهيو ته نوَ رڪني لارجر بئنچ ٺهندي يا ڇهه رڪني بئنچ ئي ڪيس ٻڌندي. اڳوڻي چيف جسٽس جواد ايس خواجا جي وڪيل بينچ تي اعتراض واريندي استدعا ڪئي ته 9 رڪني بينچ جوڙڻ لاءِ معاملو ججز ڪاميٽي ڏانهن اماڻيو وڃي.