ڄامشورو(رپورٽر) يونائيٽيڊ پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو  ڪاميٽي جو اجلاس پارٽي صدر سيد زين شاهه جي صدارت ھيٺ ٿي گذريو. اجلاس ۾ سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ جي تباھي جو ذميوار سنڌ حڪومت کي قرار ڏنو ويو. ان موقعي تي سيد زين شاھ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت ۾ پيپلزپارٽي سرڪار پڻ ان جي ڀائيوار آھي، جيڪا سنڌ جي تباھي جي ذميوار پڻ آھي. موجودہ حالتون انتھائي سنگين آھن. ھڪ ڪروڙ 45 لک ماڻھو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آھن. لکين ماڻھن جا گھر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ تباھہ آھن. لکين جانور مري ويا آھن. پر سنڌ حڪومت وٽ ڪو بہ ريسڪيو رليف ۽ تعمير نو جو ڪو پلان نہ آھي. سوين معصوم ٻار ۽ بزرگ گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين سبب موت جو شڪار ٿيا آھن. ھزارين ماڻھو روڊن تي کليل آسمان ھيٺ بي يارو مدد گار بڻيل آھن. جن کي 2 ويلا ماني بہ سنڌ حڪومت نٿي پھچائي سگھي. هن چيو ته مجموعي طور 1450 ارب روپين جو سنڌ جو معاشي نقصان ٿيو آھي. لکين ايڪڙ زمين ۽ زراعت تباھہ ٿي چڪي آھي. سنڌ حڪومت ۽ وفاق عوام جي سار لھڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي. ڀان سيدآباد، جوھي، ميھڙ، نصيرآباد، گاجي کھاوڙ جي عوام کي جس ھجي، جن پنھنجي ھمت تحت پنھنجن شھرن ۽ لکين ماڻھن کي لڏپلاڻ کان بچائي ورتو. سنڌ حڪومت اخلاقي طور تي حڪمراني جو حق وڃائي چڪي آھي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ، سنڌ جي تباھيءَ خلاف سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ جلد پٽيشن داخل ڪندي. جنھن ۾ استدعا ڪئي ويندي تہ سنڌ ۾ ھٿرادو ٻوڏ جي عدالتي تحقيقات ڪرائي ذميوار وزيرن توڙي ڪامورن کي عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن. هن چيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ آيل پرڏيھي امداد تقسيم ڪرڻ جو پڻ ڪو بہ جامع پروگرام ناھي جوڙيو ويو. سڄي دنيا مان ايندڙ امداد جا جھاز، ٽرينون ۽ ٽرڪون ايئرپورٽ ۽ بندرگاھن تي سامان سڙي رھيو آھي ، پر سرڪار حقيقي متاثرين تائين امدادي سامان پھچائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي. پيپلزپارٽي ھيڏي وڏي تباھي کانپوءِ بہ پنھنجا نوازي ۽ ڪرپشن کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناھي، جيڪو بہ امدادي سامان اچي ٿو، اھو ڀوتارن جي بنگلن تائين پھچائي ان ۾ ٻوڏ متاثرين سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي. افسوس سان چوڻو ٿو پئي تہ جڏھن بہ ٻوڏ ايندي آھي تہ عسڪري قيادت توڙي وفاقي حڪومت ڪالاباغ ڊيم جو رينگٽ وڄائي ، سنڌ جي عوام کي قصور وار قرار ڏيندا آھن، پر پنھنجين ناڪامين ، خراب حڪمراني جو اعتراف ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي عوام کي ذميوار قرار ڏيندا آھن. ھن وقت بہ سنڌ جو وڏي وزير توڙي صوبائي ڪابينا جا وزير سوين گاڏيون پروٽوڪول جون کڻي ھيلپڪاپٽرن تي گھمي   سنڌ جي عوام جو تماشو ڏسي رھيا آھن، پر ھنن جي دل ۾ درد ، رحم يا ندامت ڪانھي. هن چيو ته 30 لک ٽن ڪڻڪ جيڪا ڪچن ۽ پڪن گدامن ۾ موجود ھئي ، اھا برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ خراب ٿي ويئي، جنھن سبب اناج جو سخت بحران پيدا ٿيو آھي ۽ ھاڻي ڏھہ ھزار روپيا في ٻوري بہ نٿي ملي. ان سڄي تباھيءَ جي ذميوار سنڌ حڪومت ۽ انھيءَ سان لاڳاپيل ادارا آھن. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي دنيا جي ڊونرز ، عالمي اين جي اوز ۽ ٻين انسان دوست تنظيمن کي اپيل ٿي ڪري تہ ھن ڏکي صورتحال  ۾ سنڌ جي ڪروڙين ماڻھن کي ٻيھر پنھنجي گھرن ڏانھن منتقل  ڪرڻ ۽ انھن کي پنھنجي پيرن تي بيھارڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي.