ٽنڊو غلام حيدر / ماتلي (نمائندا)  ماتلي شهر جي وچ شهر مان گذرندڙ ڦليلي واهه ۾ وهنجندي نوجوان ٻڏي ويو, اطلاع تي شهرين ٻڏي ويل نوجوان کي ڪڍي تعلقي اسپتال آندو جتي فوتي جي سڃاڻپ پيپلز ڪالوني واسي  نياز حسين ولد غلام محمد چانڊيو طور ڪئي وئي, فوتي نوجوان جي زال گل بيبي موجب ته سندس گهر وارو پاڙي جي نوجوانن سان گڏ ڦليلي واه مان مڇي مارڻ لاء ويل هو, فوت ٿي ويل نوجوان جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.