وفاق پاران ٻاهران گهرايل ڪڻڪ جي جاچ ڪرائي وڃي:مڪيش ڪمار چاولا

0
169
وفاق پاران ٻاهران گهرايل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو آهي ته گورنر سنڌ الزام هنيو آهي ته سنڌ سرڪار فلور ملز کي ڪوٽا کان گهٽ ڪڻڪ ڏني، ڪراچي کي هر مهيني ساڍا ٽي لک ميٽرڪ ٽن ڏني وئي آهي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي هت گذريل سال ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڪڻڪ ڏني وئي آهي، اٽو ڏيڻ سنڌ حڪومت جي ذميواري ناهي، سنڌ حڪومت جي ذميواري ڪڻڪ ڏيڻ آهي

هن چيو ته وفاق پاران ٻاهران گهرايل ڪڻڪ جي جاچ ڪرائي وڃي ۽ سنڌ حڪومت جي ڪڻڪ جي به جاچ ڪئي وڃي، سنڌ حڪومت وٽ مارچ مهيني تائين جو اسٽاڪ موجود آهي

هن چيو آهي ته  گورنر کي سنڌ جي ماڻهن جو ايترو ڏک آهي ته گيس، کنڊ ۽ ٻين معاملن تي پريس ڪانفرنس ڇو نه ٿو ڪري، هر مهيني اڍائي لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو اڌ ڪراچي کي ڏنو وڃي ٿو، هڪ لک ڪٽا ڪراچي جي چڪين کي اضافي ڪڻڪ پڻ ڏني وڃي ٿي

گاڏين تي ودهولدنگ ٽيڪس جو بم ڦاڙيو ويو آهي، گورنر کي ڪڻڪ جي حوالي سان تفصيل گهرجن ته خوراڪ کاتي سان لهه وچڙ ۾ ڇو نه ٿو اچي، گورنر سنڌ عهدي جو ناجائز فائدو نه کڻي

ھي به پڙھندا

وسيم اختر، آفاق احمد ۽ خالد مقبول صديقي جا بيان سوچيل سمجهيل سازش آهن: سعيد غني