صدر عارف علوي شهزاد اڪبر جي استعيفيٰ منظور ڪري ڇڏيو

0
436
صدر عارف علوي شهزاد اڪبر

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) صدر ڊاڪٽرعارف علوي شهزاد اڪبر جي بطور صلاحڪار طور استعيفيٰ منظور ڪري ڇڏيو آهي

شهزاد اڪبر 24 جنوري تي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ بيان ۾ استعيفيٰ جو اعلان ڪيو هو ۽ چيو هو ته هن پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم عمران خان کي موڪلي ڇڏي آهي

هن چيو ته هو پارٽي سان سلهاڙيل رهندو ۽ قانوني برادري جي ميمبر طور پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندس

جڏهن ته هاڻي صدر جي منظوري سان ڪابينا ڊويزن شهزاد اڪبر جي استعيفيٰ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي

 ذريعن موجب شهزاد اڪبر جي استعيفيٰ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان سان احتساب بابت صلاحڪار جي نالن تي صلاح مشورا جاري آهن، ان حوالي سان حتمي فيصلو وزيراعظم پاڻ ڪندو