اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان پمز اسپتال جي ڪورونا وارڊ جو اوچتو دورو ڪيو ۽ مريضن کي ملندڙ سهولتن جو جائزو ورتو، وزيراعظم عمران خان ڪورونا وارڊ پهچڻ وقت پمز جي سربراهه ڊاڪٽر منهاج سان ملاقات ڪئي ۽ ڊاڪٽرز سان ڪورونا صورتحال تي ڳالهيون ڪيون، عملي وزيراعظم کي ڪورونا صورتحال کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم اسپتال ۾ موجود سهولتن ۽ ڪورونا ويڪسين بابت پڇاڻو ڪيو. پمز اسپتال جي سربراهه منهاج موجب وزيراعظم بنا پروٽوڪول جي اسپتال پهتو، فيصل جاويد ساڻس گڏ هو.