نئون ديرو (ن پ ا) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهچي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز ڀٽو جي مزارن تي حاضري ڀري فاتح خواني ڪئي ۽ گل نڇاور ڪيا. بلاول ڀٽو زرداري جي ڳڙهي خدابخش ڀٽو آمد کان اڳ مزار کي سينيٽائيز ڪيو ويو، جڏهن ته مزار عام ماڻهن لاءِ اڳواٽ ئي بند پيل آهي، پ پ چيئرمين جي آمد دوران نئون ديرو هائوس کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو تائين سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.