اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي، وزيراعظم هائوس ۾ ڪالهه ٿيل ملاقات دوران سينيٽ ۾ قانون سازي ۽ ٻين مامرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ذريعن مطابق سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي بلوچستان جي مامرن بابت به وزيراعظم عمران خان سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.