اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ وزيراعظم جي چونڊ سڌارن بابت ڳالهين جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو، نواز ليگ ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو نئون مامرو ڇڏي عمران خان اليڪشن چوري ڪرڻ جو نئون منصوبو تيار ڪري رهيو آهي، هن وزيراعظم سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان جهڙي چور جي مسلط هجڻ دوران چونڊ سڌارا نه ٿا ٿي سگهن، ڊسڪا ۾ اليڪشن ڪميشن جو عملو چوري ڪندڙ چونڊ سڌارن بابت ليڪچر نه ڏي، جتي هڪ حڪم تي آر ٽي ايس سسٽم ويهي وڃي ٿو اتي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ويچاري ڇا ڪندي؟ آر ٽي ايس ويهاري ووٽ چوري ڪرڻ سان قوم تي مسلط ٿيڻ وارا اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو نالو ڪهڙي منهن سان کڻي رهيا آهن، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو تجربو سڄي دنيا ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران جيڪا ان حوالي سان اسٽڊي ڪرائي وئي هئي ان ۾ به اليڪٽرانڪ ووٽنگ جي طريقي کي ناقابل عمل قرار ڏنو ويو هو، عمران صاحب اليڪشن چوري جي اوهان جي منصوبن ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروگرام کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. جڏهن ته نواز ليگ جي صدر شهباز شريف به اين اي 249 تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اليڪشن ڪمشنر اين اي 249 تي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي، اميد آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر آئين ۽ شفافيت جي گهرجن کي يقيني بڻائيندو، اليڪشن ڪميشن ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي نواز ليگ اڳواڻ ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن ۾ اين اي 249 تي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست جمع ڪرائي آهي، اسان کي مڪمل فارم 45 جون ڪاپيون نه مليون، اهڙي پارٽي جو اميدوار ڪامياب ٿيو آهي، جنهن جي ڪاميابي جو امڪان ئي نه هو، اسان حقيقتون سامهون آڻينداسين، ڪجهه فارم 45 تي وقت کان پهريان ايجنٽن کان صحيحون ڪرايون ويون، ڪيترن ئي فارم 45 تي صحيحون ئي ٿيل ناهن. نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز شريف اين اي 249 بابت جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ڪراچي چونڊ شفاف آهي ته ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ ۾ ڪنهن پارٽي کي پريشاني نه هجڻ گهرجي، ڪاميابي جو مارجن ڪجهه سو ووٽن جو آهي ۽ رد ٿيل ووٽ ڪاميابي جي مارجن کان وڌيڪ آهن، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته 5 سيڪڙو کان گهٽ ڪاميابي جي مارجن تي ٻيهر ڳڻپ اسان جو قانوني ۽ آئيني حق آهي ۽ ان لاءِ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڏني آهي.