اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي پارلياماني ڪاميٽي پاران اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ 49 ترميمون تجويزون، مسودو تيار ڪري ورتو، اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ مالي خودمختياري ڏيڻ، برابر ووٽن جي بنياد تي تڪ جوڙڻ ۽ پولنگ عملو تڪ کان ٻاهران مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ حڪومت پاران 16 آڪٽوبر 2020ع تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل ترميمي بل تي 3 مختلف اجلاس ڪرڻ کانپوءِ پارلياماني مامرن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي سفارشن کي حتمي صورت ڏئي ڇڏي آهي. “پنهنجي اخبار” کي مليل تفصيلن موجب اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 11 ۾ اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ مالياتي خودمختياري ڏيڻ جي ترميم تجويز ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم تجويز ڪندي سمورا تڪ برابر ووٽن جي بنياد تي قائم ڪرڻ، جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 20 ۾ تڪن اندر 10 سيڪڙو تائين ووٽرن جي فرق جي مليل اجازت کي گهٽ ڪري 5 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي وئي آهي، جڏهن ته تيار ڪيل سفارشن ۾ سيڪشن 24 تحت اليڪشن ڪميشن جو ووٽر لسٽ تيار ڪرڻ لاءِ رجسٽريشن آفيسر مقرر ڪرڻ وارو اختيار ختم ڪرڻ، سيڪشن 26 تحت ابتدائي ووٽر لسٽ تيار ڪرڻ، سيڪشن 28 تحت ابتدائي ووٽر لسٽ جاري ڪرڻ، سيڪشن 34 تحت ووٽر لسٽن تي نظرثاني وارا اليڪشن ڪميشن جا اختيار ختم ڪرڻ جي پڻ تجويز تيار ڪئي وئي آهي، اليڪشن ايڪٽ جي سيڪشن 42 ۽ سيڪشن 44 جيڪو به ووٽر لسٽ جي تياري جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن کي اختيار ڏئي ٿو ان کي به ختم ڪرڻ جي تجويز تيار ڪئي وئي آهي، مسودي ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته ووٽر لسٽ نادرا پاران جاري ڪيل سڃاڻپ ڪارڊن تحت تيار ڪئي وڃي، جڏهن ته سيڪشن 53 ۾ ترميم تجويز ڪيو ويو ته چونڊ عملو ۽ آفيسر لاڳاپيل تڪ سان تعلق رکندڙ ملازمن بدران تڪ کان ٻاهران مقرر ڪيو وڃي، نامزدگي فيس ۾ واڌ ڪرڻ، جڏهن ته قومي توڙي صوبائي سيٽن تي ڪاميابي کانپوءِ 60 ڏينهن اندر حلف کڻڻ جي پابندي لاڳو ڪرڻ ۽ 60 ڏينهن اندر حلف نه کڻندڙ جي سيٽ خالي قرار ڏيڻ جي ترميم به تيار ڪئي وئي آهي، پولنگ اسٽيشن تي هڪ پولنگ ايجنٽ بدران 5 پولنگ ايجنٽ مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي به تجويز تيار ڪئي وئي آهي، سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ، چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي استعمال هيٺ آڻڻ، سينيٽ جي چونڊ اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ، جڏهن ته سياسي پارٽي جي رجسٽريشن لاءِ 2 هزار ميمبرن جو تعداد وڌائي 10 هزار ميمبرن جي شرط لاڳو ڪرڻ ۽ انهن ۾ 20 سيڪڙو عورت ميمبر هجڻ کي لازمي قرار ڏيڻ جي به ترميم تيار ڪئي وئي آهي، سياسي پارٽين جا ساليانه ڪنوينشن طلب ڪرڻ جي به ترميم تجويز ڪئي وئي آهي. مجموعي طور تي ڪاميٽي پاران چونڊ ايڪٽ ۾ 49 ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن، جيڪا رپورٽ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.