ورڪشاپ (ن پ ا) ورڪشاپ ڀرسان ديهه دٻي ۾ زميني تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان انور علي رند کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوان جي لاش تي سندس معصوم پٽ اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندا رهيا جنهن بعد جوابدار فرار ٿي ويا، ٻي طرف ڳوٺاڻن جي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس واقعي واري ھنڌ ڏيڍ ڪلاڪ دير سان پهتي، جنهن خلاف مقتول جي وارثن لاش کي کڻي سانگهڙ_ چونڊڪو روڊ تي ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جڏهن ته 4 ڪلاڪ ڌرڻي بعد پوليس مظاهرين سان ڳالهيون ڪري جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪرايو، ٻي طرف مقتول جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، هوڏانهن مقتول نوجوان جي وارثن ڀاءُ نواز رند ٻڌايو ته اڄ نظاماڻي برادري جي ماڻهن اسان جي زمين تي قبضي لاءِ ھلان ڪري ھٿيارن جي زور تي زبردستي ٽريڪٽر ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي، منع ڪرڻ تان جوابدارن جھيڙو ڪري گوليون هڻي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته پوليس اطلاع باوجود ڏيڍ ڪلاڪ دير سان پهتي، جنهن سبب نقصان ٿيو، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف پوليس ٻڌايو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گهرن تي چڙهايون ڪيون آهن، جلد کين گرفتا ر ڪيو ويندو.