لنڊن: (دلچسپ نيوز) مشهورميسجنگ ايپ واٽس ايپ رمضان کان اڳ نوان اسٽيڪرز متعارف ڪرائي ڇڏيا آهن.سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي ويب بيٽا انفو طرفان ٽوئٽ ڪئي وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته نئين اسٽيڪرز آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ صارفين جي لاءِ متعارف ڪرايا ويا آهن. ويب بيٽا انفو موجب واٽس ايپ صارفين کي واٽس ايپ اسٽور کان اهي اسٽيڪرز ڊائون لوڊ ڪرڻا پوندا.