ڪراچي(دلچسپ نيوز) ميسيج ڪلڪ ڪرڻ تي واٽس ايپ هيڪ ٿيڻ ۽ اڪائونٽ بند ٿيڻ جي شڪايت وڌڻ لڳي آهي. ميڊيا جي خبرن موجب ڪراچي شهر ۾ رات جي وقت ڪجهه صارفين جا واٽس ايپ اڪائونٽس هيڪ ٿي رهيا آهن جڏهن ته اهي به شڪايتون وصول ٿي رهيون آهن ته صارفين جا اڪائونٽس به نٿا کلن ۽ هو جيئن ئي واٽس ايپ تي ميسيج کي ڪلڪ ڪن ٿا ته اڪائونٽ بند ٿيو وڃن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ بعد انهن مان ميمبرن کي پاڻمرادو رموو ڪيو وڃي ٿو جنهن سبب صارفين سخت پريشان آهن.