واش (WASH)– عورتن ۽ ٻارن جون ضرورتون

0
340
پاڻيءَ-جا-ماڻ،-ماپ،-مقدار-۽-خيرپورناٿن

  سنڌ جي ڪئي شھرن جي روڊن ۽ رستن تي ھزارين ٻوڏ ستايل خاندان ويٺل آھن. حڪومت ۽ ٻين ادارن جون پڻ ڪيتريون ئي ڪئمپون قائم ٿيل آھن. بنا ڪنھن بحث ۽ ٽيڪا ٽپڻي جي ته ڪنھن ڇا ڪيوڇا نه ڪيو ، رستن تي رُليل خاندانن جو ڪو ڀرجھلو ٿيو يا نه ٿيو، اچو ته ان ڳالھھ تي غور ڪريون ته ھن وقت انھن ويٺل بي يارو مددگار لکين ماڻھن سان، خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن سان ڪھڙا مسئلا آھن، انھن کي ڪيئن حل ڪجي ۽ ڪنھن کي ڇا ڪرڻ کپي. عورتن ۽ ٻارن جي ڳالھھ ان ڪري ڪجي ٿي جو سماجي طؤر تي ھنن جي بيھڪ ڪمزور ھوندي آھي. آفتن جي ڪري انھن جي اڳ ۾ ئي نٻل حيثيت اڃان پٺتي پئجي ويندي آھي. تحقيق ۽ تجربو ٻُڌائي ٿو ته آفت جي صورت ۾ عورتن ۽ ٻارن جي موت جو چانس مردن جي مقابلي ۾ ڏھوڻ (ڏھھ دفعا) وڌيڪ ھوندو آھي. 2004ع ۾ انڊونيشيا ۽ ٻين ملڪن ۾ جيڪاسونامي آئي ھئي ان  ۾ 230,000 انسان اجل جو شڪار ٿيا ھئا، ان مان 70 سيڪڙو عورتون ھُيون! ان ڪري انھن تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي. اسانجي سماجي جوڙجڪ ۾ متاثر بڻيل عورت ويچاري ٿيڻ سان گڏ بي آسرا پڻ ٿيو وڃي. شرم ۽ ڀرم جي وزن ھيٺ ھوءَ جڏھن ھڪ ڀري گھرٻار يا جھوپي مان نڪري روڊ تي ايندي ته کيس کاڌي پيتي سان گڏ، حاجت پوري ڪرڻ لاءِ ڪاڪوس خانو/ يا حاجت پوري ڪرڻ واري جاءِ تائين پھچ کپي جتي سندس شرم سلامت رھي سگھي.

صاف پاڻي ۽ بھتر نڪاسي جو نظام جياپي لاءِ لازم آھن. اھو ھر انسان جو بنيادي حق آھي ۽ ان کي عالمي ادارن ۽ دنيا جي آئين ۾، پاڪستان جي آئين سميت تسليم ڪيو آھي، ڪٿي سڌي طرح ۽ ڪٿي وري اڻ سڌي طرح. ان ڪري انھن شين جو انتظام ڪرڻ ڪنھن تي ٿورو ناھي.

عالمي تنظيمون، ادارا، صحت واري سائنس، آفتن ۾ ڏتڙيل ماڻھن سان ڪم ڪرڻ جي بنياد تي ھڪ ڳالھھ بلڪل زور ڏئي چوندا آھن ته جيڪڏھن اھڙين حالتن ۾ WASH پروگرام نه ھوندو ته حقيقت ۾ آفت اچڻ کانپوءِ واري وقت ۾ تمام گھڻي تعداد ۾ ماڻھن، ٻارن، عورتن ۽ ضعيفن جو موت ٿي سگھي ٿو. واش، Water supply Sanitations and Hygiene جو اختصار آھي. جنھن کي (صاف) پاڻي، صفائي ۽ تندرست عمل چئي سگھجي ٿو. ايئن کڻي چئجي ته واش مان مراد صاف پيئڻ جو پاڻي، صفائي ڏيندڙ نڪاسي/نيڪال جو نظام ۽ ان سان گڏ صفائي ۽ صحت جا اُھي عمل ڪرڻ آھن جن جي نتيجي ۾ بيمارين کان بچي سگھجي. حاجت پوري ڪرڻ کانپوءِ صابڻ سان ھٿ ڌوئڻ، ٿانون کي صاف رکڻ، پنھنجي پاڻ کي صاف رکڻ ۽ ان جھڙا ٻيا عمل، ھاءِجين يعني علم/عمل تندرستي ۾ اچن ٿا. ان واش جي ڪري ئي پوين ڏيڍ سؤ سالن ۾ انسان جي ڌرتي تي سراسري عمر ٻيڻي ٿي پئي آھي. اِھو سڀ ڪجھھ ھتي ٻڌائڻ جو اِھو مقصد ھو ته جيڪڏھن عام حالتن ۾ واش جي ايتري اھميت آھي ته ھنگامي حالتن/آفتن جي ڏينھن ۾ ان جي ھجڻ ۽ نه ھجڻ جي ڪري زندگي ۽ موت جي وچ ۾ مفاصلو وڌائي يا گھٽائي سگھجي ٿو. ڪووڊ/ڪورونا جي بچاءُ لاءِ اسان ڏٺو ته صابڻ سان ھٿ ڌوئڻ ۽ ان سان لاڳاپيل عمل ڪيترا ته ڪارائتا ثابت ٿيا. ھاڻ ھاءِ جين، صاف پاڻي ۽ صفائي جي عملن لاءِ ڪجھ عرض ڪندس. اھي ڏنل تجويزون نيشنل ۽ سنڌ جي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي، گڏيل قومن جي صحت جي اداري ۽ آفتن جي ڏينھن ۾ استعمال ۾ ايندڙ اِسفيئر معيار (SPHERE Standard) ۽ ذاتي تجربي جي بنياد تي ڏجن ٿا:

  1. صاف پاڻي جي رسد: ڇاڪاڻ ته ڏُتڙيل ماڻھو ڪنھن خاص ترتيب سان ڪونه ويٺل آھن، ان ڪري پاڻي جي رسد لاءِ ڪو ھڪ جھڙو نظام مھيا ڪرڻ مشڪل آھي. جتي روڊن جي ڀرسان ڪافي تعداد ۾ خاندان ويٺل آھن، اُتي ڪو نلڪو يا ڪنھن ھڪ ھنڌ پاڻي کي گڏ ڪري ورھائڻ جو نظام جيڪڏھن نٿو ٿي سگھي ته انھن کي صاف پاڻي جون پيئڻ لاءِ بوتلون ڏنيون وڃن. پاڻي جا ڪِئن في خاندان جي حساب سان پڻ ڏئي سگھجن ٿا. ان سڄي عمل ۾ عالمي اداري يونيسيف کي يا ان جھڙن ٻين ادارن کي گڏڻ جي ضرورت آھي. سنڌ جي پبلڪ ھيلٿ انجنيئرنگ کاتي وٽ عام حالتن ۾ بجٽ به چڱي ھوندي آھي. پر ان کاتي ۾ پبلڪ ھيلٿ جا ماھر نه پر انجنيئر شامل آھن ۽ اسين انجنيئر صرف ڪنھن به قسم جو اڏاوتي ڪم ڪري سگھون ٿا. پر هاڻ پاڻي سان لاڳاپيل ٻيا عوامل ٻين ماهرن کي ڏسڻ جي ضرورت هوندي آهي. جنهن به صورت ۾ پاڻي مهيا ڪيو وڃي اهو غلاظتن ۽ بيماري جي جيوڙن کان پاڪ هجي. ان ۾ ڪلورين جون گوريون (Aqua tab) وغيره يا فلٽر جو پاڻي ڏئي سگھجي ٿو. پاڻي جن ٿانون ۾ استعمال ٿئي ٿو ۽ جن هٿن جي ذريعي استعمال ٿئي ٿو، ان جي صفائي ضروري آهي نه ته بظاهر صاف پاڻي وري غلاظتن وارو ٿي ويندو. هر هڪ انسان کي زندگي کي قائم رکڻ لاءِ پيئڻ، کاڌو تيار ڪرڻ، هٿ وغيره صاف ڪرڻ ۽ ٻين ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ گھٽ۾گھٽ 8 کان 15 ليٽر کپن ٿا. عام حالتن ۾ اِها ضرورت ٻهراڙي ۾ 80 ليٽر في ماڻهو ۽ شهرن ۾ 160 ليٽر في ماڻهو جي حساب سان پاڻي جون اسڪيمون ڊزائين ڪندا آهن. جيڪي به ڪئمپن ۾/روڊن تي يا ٻين سڪل جاين تي ويٺا آهن، انهن کي 10 ليٽر في ماڻهو في ڏينهن جي حساب سان ڏنو وڃي. جيڪي ادارا پاڻي جي معيار کي بهتر ڪرڻ ۾ ڀڙ آهن، انهن کي گڏايو وڃي. عورتن ۽ ٻارن لاءِ ان پاڻي جي اهميت ان ڪري به وڌيڪ آهي، جو اهڙين حالتن ۾ به ڪٽنب جي پاڻي ۽ کاڌي پيتي جو خيال عورت کي ئي ڪرڻو هوندو آهي. عورت اڻاٺ وارن وکرن کي چڱي ريت استعمال ڪرڻ جي قابليت سان هوندي آهي. جيڪي به ڪئمپون آهن يا جتي به ماڻهن جو هڪ خاص تعداد ڪنهن جاءِ کي عارضي پناھھ گاھھ ٺاهي ويٺو آهي؛ انهن ماڻهن مان ئي عورتن ۽ مردن جا ڪجھھ گروپ ٺاهي پاڻي جي سسٽم کي، ان جي ترسيل ۽ ورهائڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ان سان ڪنهن به خاندان يا برادري جي ماڻهن سان زيادتي نه ٿيندي. پاڻي جي معيار کي برقرار رکڻ لاءِ پڻ انهن گروپن سان گڏجي اُپاءُ ورتا وڃن. فلٽر واريون ناديون، دلي يا ڪولر/ڪئن ۾ پوڻ وارين گوريون، بهتر فلٽر جر ذريعي فلٽر ٿيل پاڻي ۽ ٻيا طريقا جيڪي ماهر ڏسين انهن تي عمل ڪيو وڃي.
  2. ڪاڪوس خانا/حاجت پوري ڪرڻ جون جايون: هي ڪم سينٽيشن جي شعبي جي اندر اچي ٿو. هن وقت جيڪا فيلڊ ۾ تمام گھڻي ۽ اهم ضرورت نظر اچي رهي آهي ته دربدر ٿيل ماڻهن لاءِ ڪاڪوس خانا/جايون ٺاهيون وڃن. يونيسيف ۽ ٻيا ادارا ۽ اين جي او ان ڪم ۾ مهارت رکن ٿا انهن کان مدد ورتي وڃي. عورتون خاص ڪري هن ڏينهن ۾ تمام گھڻي ڏکيائي کي مُنهن ڏئي رهيون آهن، ان ڪري بنا ڪنهن دير جي، تمام تڪڙوڪو انتظام ڪري عورتن لاءِ جدا ۽ مردن لاءِ جدا ڪاڪوس خانن جو ڄار برپا ڪرڻو آھي. اھو ڪم حڪومت جي اڳواڻي ۾ ٻين ادارن جي سھڪار سان ڪيو وڃي. سڀني واسطي واري ڌرين کي عرض آھي ته ان ۾ ڪا ڪوتاھي نه ڪئي وڃي.
  3. ھاءِ جين/علم تندرستي جي واڌ ويجھھ: صحت ۽ تندرستي ڏيندڙ عمل ۽ عادتون انسان جي جياپي لاءِ تمام ضروري ۽ اڻ ٽر آھن. ان جو مثال اسان ڪورونا کان بچاءُ لاءِ مرتب ٿيل حڪمت عملين ۽ ھدايتن ۾ چڱي ريت ڏٺو. ھن عمل کانسواءِ پاڻي ۽ صفائي (Santation) وارو پورو سرشتو چڱي ريت ڪم نه ٿو ڪري سگھي. صحت ڏيندڙ عادتن جي ترغيب ۽ وري ان تي عمل ئي آفتن جي ڏينھن ۾ تمام گھڻيون زندگيون بچائي سگھي ٿو. ان ۾ لوڪل اين جي او، خاص ڪري عورت سوشل موبلائيزر، صحت کاتي جا ڪميونٽي ميڊيسن جا پروفيشنل، عالمي ادارن جي طرفان ڪم ڪندڙ ننڍيون ننڍيون تنظيمون، سگا، سرسو، اين آر ايس پي، ھينڊز ۽ ٻيا ادارا جن جا نالا نه لکي سگھيو آھيان انھن کي اڳتي اچي، جاگرافيائي ورھاڱو ڪري، ڪم کي جنگي بنيادن تي ڪرڻو آھي. جيترو جلدي جيترا گھڻا ماڻھو ھاءِ جين پروموشن جو حصو ٿي سگھندا اوترو ئي گھڻن ماڻھن، خاص ڪري ٻارن ۽ عورتن جي زندگي بچائي سگھجي. ان تي عمل ڪرڻ لاءِ بھتر پاڻي، صفائي، صاف ڪاڪوس خانن سان گڏ صحت واري صابڻ، مڇرن کان بچاءُ جا لوشن، پاڻي کي صاف ڪرڻ واريون گوريون ۽ انھن تي عمل ڪرڻ وارو تصويري مواد ۽ عورتن جي خاص ضرورتن جون شيون شامل ھجڻ کپن.

عورتن ۽ نياڻين جي ماھواري واري قدرتي عمل جي ڪري گھربل ضروري شين، صاف ھرک جو ڪپڙو، ڪپھھ، پيڊ ۽ ٻيون شيون شامل ھجڻ کپن. اسان جي معاشري ۾ ھڪ عجيب قسم جي دقيانوسي ۽ پوئتي پيل ثقافتي لاڙو آھي ته ماھواري کي کليل نموني بيان نٿو ڪري سگھجي ۽ نه ئي ان تي بحث ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏھن ايئن ھجي ھا ته قرآن شريف ۽ حديث مبارڪ ۾ ان جو پيرائتو بيان ٿيل نه ھجي ھا. ان ڪري عورتن ۽ نياڻين جي صحت کي نظر رکندي ان سان لاڳاپيل شين جو انتظام رليف ائٽمن ۾ چڱي ريت ڪيو وڃي. انھن شين کي لاڳاپيل ڪميونٽي جي رواجن کي ذھن ۾ رکي ڪيو وڃي. شھرن جي عورتن ۾ ته پيڊن جو گھڻو تڻو استعمال ٿئي ٿو پر ڳوٺن ۾ شايد صاف ململ/ڪاٽن جا ڪپڙا يا ڪپھھ استعمال ٿيندي آھي. ان ڪري ئي ڪن علائقن ۾ ماھواري اچڻ کي ڪپڙا اچڻ چيو وڃي ٿو. ان تي بحث ڪري عورتن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ, نه غير مذھبي آھي، نه غير اخلاقي ۽ نه ئي وري بي حيائي. جيڪو ايئن سمجھي ٿو ان کي علم ۽ فھم جي شديد کوٽ آھي. ڏتڙيلن ۾ ضعيف، ڪجھھ شين  ۾معذور، اھڙا ٻار ۽ عورتون پڻ شامل ھونديون، جن کي جلد جلد پيشاب يا ٻي حاجت پوري ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي. انھن جي ضرورتن کي پڻ نه وساريو وڃي.

ڪم گھڻا آھن، چيلينج وڏو آھي، ڪروڙين انسان حڪومت، ادارن ۽ ماڻھن ڏانھن واجھائي رھيا آھن ته ھنن جي مدد ڪئي وڃي. گڏجي ڀرپور عملي قدمن سان، پنھنجون پنھنجون لالچون ۽ ڪمزوريون وساري پڪي ارادي سان جيڪڏھن ڪم ڪنداسين ته اُڪري پار پونداسين. شيخ اياز جي انھن سٽن سان ته “ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ ڏونگر ڏاري وينداسين”اڳتي وڌڻو آھي.