مها ٻوڏ کي منهن ڏيندڙ سنڌ ۽ وارننگ جاري ڪندڙ ڪمپني سرڪار

0
228
مها-ٻوڏ-کي-منهن-ڏيندڙ-سنڌ-۽-وارننگ-جاري

  هونئن ته سنڌ جو برساتن ۽ ٻوڏن سان پراڻو تعلق آهي ۽ اهو تعلق ان ڪري به وڌيڪ گهرو آهي جو سنڌو درياهه سونهاري سنڌ جي سينڌ بڻيل آهي. زرعي سماج ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو فطرت سان ايترو ته ويجهو رهيا آهن جو انهن جي وڏڙن کان جن عمريون پڇيون ته انهن کي مهينا ۽ سال ته ياد نه ايندا هئا پر اهي اهو ليکو ڪري ضرور ٻڌائيندا هئا ته ابا جڏهن وڏي ٻوڏ آئي هئي ته مونکي مڇن جي ساول هئي  ابي کي ٽي بي جي وڏي کنگهه هئي ان کي ڪلهي تي کڻي ۽ مال متاع ڪڍي وڃي بند تي ويٺا هئاسين. فطرت جي ايترو ويجهو صرف اهي ماڻهو رهي سگهن ٿا جيڪي خوشين توڙي غمن ۾ فطرت کي ياد رکن. جيئن ٿر جا ماڻهو پنهنجي وڏڙن جون عمريون ڏڪارن ۽  وسڪارن جي حوالي سان ياد ڪندا هئا تيئن ئي ڪچي جا ماڻهو پنهنجون عمريون ٻوڏن جي حساب سان ٻڌائيندا هئا. پر انهن ٻوڏن ۽ هاڻوڪين ٻوڏن ۾ ماڻهن کي هڪ واضح فرق نظر اچي رهيو آهي. سو آهي سرڪاري جو هجڻ ۽  هاڻي سرڪار جو نه هجڻ. سرڪار جي هجڻ وارن ڏينهن ۾ ئي اهو پهاڪو عام ٿيو هو ته سرڪار مائي باپ آهي بابا….

اهو جملو ڪيترن ئي ڏهاڪن جي سرڪاري کاتن جي بهتر ڪارڪردگيءَ بعد عام زبانن تي آيو هو. ايئن ئي گهر ويٺي ٽوئيٽ ڪري ڇڏڻ سان نه آيو هو جيئن هاڻوڪا حڪمران ڪري رهيا آهن. پراڻن زمانن ۾ سرڪاري کاتا خاص ڪري آبپاشي کاتو ڪم ڪندي نظر ايندو هو. ان جا بيلدار آبدار چوڪيدار توڙي انجنيئر سانوڻي جي مند ۾ توهان کي درياهه جي بندن جي ايئن چوڪيداري ڪندي نظر ايندا هئا جيئن بئنڪن جا گارڊ اي ٽي ايم مشينن جي چوڪيداري پيا ڪن. انهن ڏينهن ۾ آبپاشي کاتي کي اڃان ڪي سياسي ۽ ڪامورڪا کاٽ ڪونه لڳا هئا پر ان جي باوجود معمولي ڪوئن جا هنيل ڏرڙ پڻ خاص ڌيان سان بند ڪيا ويندا هئا ڇو ته انهن کي خبر هوندي هئي ته اهي ڪوئن جا ڏرڙ بند نه ٿيا ته سڀاڻي گهڻو پاڻي اچڻ بعد اتان ئي بند کي روڻ پوڻ شروع ٿيندي جيڪا اڳتي هلي سئو ٽرڪون پٿر جون وجهڻ سان به بند نه ٿيندي، تنهن ڪري سخت گرمين جي ڏينهن ۾ به ڪچي جي  سخت اڙانگن بندن تي توهان کي سرڪاري عملو موجود ملندو هو. آبپاشي کاتي جي ڪنهن به پراڻي ريٽائر ٿيل انجنيئر توڙي بيلدار داروغي کان حال احول وٺندا ته اهو توهان کي هاڻي به بنا ڪنهن گوگل ڪرڻ جي ٻڌائي سگهي ٿو ته  ايف پي بند يا عاقل آگاڻي بند جو فلاڻو پاسو سدائين ڪمزور رهندو آهي ان کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن ڏينهن ۾ درياهه جي چاڙهه واري موسم کي آبڪلاڻي جي موسم سڏيندا هئا ۽ اهي سموريون راتيون توڙي ڏينهن انهن جي ننڊ حرام هوندي هئي گهران موڪلائي اچي درياهي بندن جي ڊيوٽي ڪندا هئا.

ان ڊيوٽي ۾ نه رڳو ريگيولر عملو گڏ هوندو هين پر ان سيزن خاطر آبپاشي کاتي ۾ ڪچيون ڀرتيون پڻ ڪندا هئا جيڪي درياهي بندن جي آسپاس وڌي ويل جهنگ پڻ صاف ڪري ويندا هئا لانڍيون ٺاهيندا هئا لالٽين هڻندا هئا ۽ روزانو رات واري ڪچهري ۾ هڪٻئي کي ٻڌائيندا هئا ته ڪم دوران هنن ڪيترا نانگ ماريا ۽ ڪيتريون بلائون هڪلي پري ڪيون.اها ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ ڀرپور ڪم واري مند هوندي هئي. پر وقت گذرڻ سان گڏ آبپاشي کاتي جا اهڙا ماهر اچي ظاهر ٿيا جن کي اهو تجربو به نه هوندو هو ته پاڻي جيڪڏهن لک ڪيوسڪ وڌي وڃي ته درياهه ڪهڙي پاسي رخ رکندو آهي.بدانتظامي جي ان ڀونچال ۾ اهو کاتو ايترو ته پوئتي هليو ويو جو پروفيشنل انجنيئرن بدران جڳاڙي ۽ سياستدانن جي چاپلوس انجنيئرن کي مک پوسٽنگز ملڻ لڳيون جنهن جو نتيجو توهان سڀني جي سامهون آيو. جڏهن وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪرڻ قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ آيو ته سنڌ جا ڪي ماهر انجنيئر يا آبپاشي ماهر کيس بريفنگ نه پيا ڏئي سگهن. انهن جڳاڙي انجنيئرن کان جڏهن پڇيو ويو ته اهو پاڻي نيڪال ڪيئن ڪجي ته انهن مان هڪ ايم پي اي نادر مگسي کي سڏ ڪندي چيو ته برساتي پاڻي ڪڍڻ جو کيس تجربو آهي اهو وڌيڪ بهتر نموني ٻڌائي سگهي ٿو. نادر مگسي وزيراعظم اڳيان وزيراعليٰ کي سڌو چيو ته ڌامراهه واهه کي ڪٽ ڏيو ته پاڻي کي رستو ملي. جنهن تان ميهڙ وارا اڳ ۾ ئي ناراض ويٺا هئا. ان بحثا بحثي دوران نادر مگسي وزيراعليٰ کي اها به آفر ڪئي ته کيس ڇڏيو وڃي ته هو پاڻهي پاڻي ڪڍي وڃي درياهه تائين پهچائيندو.

سنڌ سان اها ڪيڏي نه مستقل دشمني ڪئي پئي وڃي ته ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ جهڙي ٽيڪنيڪل معاملي کي به هاڻي مقامي سياسي معاملو بڻايو ويو آهي ۽ انجنيئرن بدران تڪ جا ايم پي اي، ايم اين اي فيصلو ڪري رهيا آهن ته پاڻي کي ڪٿان کان ڪٽ ڏئي رستو ڏجي.ان کان به وڏي ڳالهه ته ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب ڪئي آهي ته صرف ٽن بنگلن کي بچائڻ خاطر ڊپٽي ڪمشنر کي مجبور ڪيو ويو. انهن جا هو نالا کڻندو ته توهين عدالت ٿي پوندي. ان سموري معاملي کي جڏهن پروفيشنل ماڻهن بدران سياسي ماڻهن کي حل ڪرڻو هو ته هر شهر جا ماڻهو پنهنجا پنهنجا شهر بچائڻ خاطر نڪري پيا. وارهه کان ويندي نصيرآباد، ميهڙ ، جوهي ۽ ڀان سيد آباد تائين جا ماڻهو پاڻمرادو همٿ ڪري نڪري پيا ۽ پنهنجي پنهنجي شهرن جي چوڌاري ٻڌل رنگ بندن تي چوڪيون قائم ڪري ويهي رهيا. ايئن ئي مختلف ڳوٺن  ۽ شهرن جي ماڻهن پنهنجا شهر ته بچايا جنهن تي کين جس ضرور هجي پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان سموري هنگامي صورتحال ۾ حڪومت ۽ حڪومتي ادارا ڪٿي هئا. اهي حڪومتي ادارا ڇا “دي ڊي دي ڊيم بروڪ” واري ناول وانگر رڳو افراتفري ڦهلائڻ لاءِ هئا ته بابا شهر خالي ڪريو پاڻي ٿو اچي يا انهن جي ڪا وڌيڪ ذميواري به هئي.

هن مها ٻوڏ واري مند ۾ حڪومتي عملدار ايئن رات جو آيا جيئن ڪنهن افغان بستي کي ڪي جنگجو خالي ڪرائڻ ايندا آهن ته بابا جنگ لڳي وئي آهي جيڪو سامان بچائي سگهو ٿا، بچائي وٺو ۽ شهر ڇڏي نڪري وڃو. حڪومت هنگامي بنيادن تي اهڙا اعلان ڪري خيرپورناٿن شاهه شهر کي هٿ وٺي ٻوڙايو انهن ڀان سيد آباد ۽ دادو کي ۾ به اهڙا اعلان ڪيا پر ماڻهو پنهنجا شهر بچائڻ لاءِ بيهي رهيا. اهڙين هنگامي حالتن ۾ سڀني کان پهريان جيئن اعلان ڪرڻ حڪومت پهچي ٿي ايئن ئي ڪي گاڏيون کڻي ماڻهن کي محفوظ جڳهن تي پهچائڻ جو بندوبست پڻ ڪن ها پر ايئن ٿي نه سگهيو ۽ ماڻهو پنهنجي سر پاڻ پنهنجا شهر ڳوٺ ڇڏي دربدر ٿيا. ان ڏينهن آمري پل وٽان ٽريڪٽر ٽرالي تي هڪ اهڙو گهراڻو به مليو جيڪي ڊيزل کٽي وڃڻ سبب روڊ تي بيٺل هئا. انهن ٻڌايو ته اهي گذريل ڏينهن شڪارپور مان ان وقت نڪتا جڏهن سندن ڳوٺ ٻڏي ويو. خشڪ ٿي پيل ڳلي سان ان گهراڻي جي مرد ٻڌايو ته ڪالهه کان اسان ماني جو گرهه ناهي کاڌو چانهن بسڪيٽ تي گذارو ڪندا اچي هتي پهتا آهيون ، ڄامشوري وڃڻا آهيون پر هاڻي اڌ رستي ۾ ڊيزل ختم ٿي ويو آهي پئسا به ناهن. اهڙا ڪيترائي مثال حڪومتي ڪارڪردگي مٿان سواليه نشان ڇڏين ٿا ۽ متاثر ٿيل هر ماڻهو اهوئي سوال ڪري ٿو ته ڇا حڪومت جو صرف اهوئي فرض وڃي بچيو آهي ته اها شهر خالي ڪرائڻ جا اعلان ڪندي رهي باقي سمورا ڪم عام ماڻهن تي ڇڏي ڏجن ته اهي پاڻ ئي آبپاشي جا ماهر ٿي رنگ بند ٻڌن ۽ صحت جا ماهر ٿي ماڻهن جا علاج ڪندا رهن. اهڙي روش سبب عوام حڪومتي ڍانچي کان بيزارگي جو اظهار ئي ڪندو.