تنقيد، تعريف، سخا، ڪنجوسي ۽ حقيقت پسندي

0
231
تعليم ۽ صحت جي شعبن کي بنھه برباد ڪرڻ جا سانباها

 ھٻڪي هٻڪي منڇر کي لڳايل ڪٽ به ايترو ڪم نه پيا اچن۔ سنڌو جو ڏمر چئجي يا دهشت جيڪا اڃا برقرار آھي. منڇر جو پاڻي درياءَ داخل ٿيڻ بدران ابتو وهي وري شھرن ۽ سيوهڻ تعلقي جون نو يونين ڪائونسلن کي ٻوڙي ايل ايس بند ۽ آر بي او ڊي سم نالي سان ٽڪرائجي ويو. منڇر جي وهڪرن صفا تباهي مچائي ڇڏي آھي. ريلوي ٽريڪ وٽان به ڪٽ ڏنو ويو. تاريخي شھر ٽلٽي ٻڏي ويو آھي ۽ دادو به صفا محفوظ نه پئي سمجهيو ويو. هاڻي اطلاع اچڻ لڳا آھن ته ڀان سعيد آباد کي بچائڻ لاءِ ڪرمپور ويجهو ايل ايس بند کي 3 ڪٽ ڏنا ويا آھن.  اهڙين حالتن ۾ اوچتو جاري ڪيل الرٽ اڳ ئي خوف ۾ مبتلا شھرين ۾ افراتفري ۽ لڏ پلاڻ جو سبب بنجي رهيو آھي. ميهڙ وارا ٻڏڻ کان بچي به روز مرن پيا ۽ وري اميد آسري جيئن پيا.

هوڏانهن پراڻ  ۽ هاڪڙي ڍورن جهڏي ۽ نئين ڪوٽ جي عوام جو ساھھ سڪائڻ وارو سلسلو جاري رکندي ڪيترا ئي وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آھن. بدين ضلعي وارا ايل بي او ڊي جي دائمي بد روح جو عذاب سهندي سسڪن پيا. درياءَ بادشاھھ جو 604127  جو وڏو وهڪرو ڪوٽڙيءَ وٽان گذرندي هالا ،مٽياري،حيدرآباد جي ڪچي پڪي ۾ ڏهڪاءَ پکيڙيندو ٺٽي ۽ سجاول ۾ ستائڻ شروع ڪيو آھي. سانگهڙ ۽ ميرپورخاص گهڻن قدرتي وهڪرن تي قبضن ۽ گسن جي تبديلي سبب هن دفعي به هميشه واري مصيبت ۾ هن دفعي به ڦاٿل آھن. قمبر شھداد ڪوٽ ۽ لاڙڪاڻو به بلوچستان جي جابلو وهڪرن جي مچايل مانڌاڻ جو شڪار آھن، سکر، خيرپور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد،شڪارپور ۽ گهوٽڪي ۾ هر ڪنهن هن قدرتي يا سرڪاري غفلت جي عذاب کي گهٽ يا وڌ ڀوڳيو آھي. سڄي سنڌ صدين وانگر وري سورن ۾ آھي. فصل برباد ٿي ويا،گهر  تڙ، مال متاع ۽ سڄو لڄ جو لٽو منهن ۽ مٿي تان لهي لڙھي ويوآھي،

نه کائڻ لاءِ اناج بچيو، نه پائڻ لاءِ ڪپڙو ۽ جوتو رهيو، نه خرچڻ لاءِ پئسو رهيو، نه سمهڻ لاءِ ڪا رلي يا چادر بچي. ٻيو ته پري رهيو پر پناھھ وٺڻ ۽ مڙھھ دفنائڻ لاءِ ڌرتي ماءُ جو سڪل دامن به نٿو لڀي جتي پناھھ وٺجي يا ڪنهن کي دفنائجي. مال مري ويو. هاڻي ٻچڙا ۽ ٻڍڙا مينهنَ جو بيٺل پاڻي پي، مڇرن کان ڏنگجي، نانگ بلائن کان ڪکجي اڃ ۽ بک ۾ پاھھ ٿي  بي ڪفن موت مرڻ لڳا آھن. وزير اعظم چوي ٿو ته ملڪ ۾ ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳ ڀڳ 12 ارب ڊالر آھي ۽ سنڌ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي سڄي جا سڄي درياءَ/ سمنڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳي آھي. هن وقت تائين ڪل 1391 فوتگين مان 577  انسان ته رڳو سنڌ مان موت جو شڪار ٿي چڪا آھن جيڪو انگ لڳي ٿو ته اڻپورو آھي. ٻوڏ سٽيل شھري سانگهڙ، دادو،ميرپورخاص سميت هر هنڌ واهن ۽ سم نالن کي ڪٽ لڳائڻ ۽ نه لڳائڻ تان وڙھي خونريزي تي مائل آھن. ھڪ امدادي ريل گاڏي جا گاڏا دادو طرف ويندي ٻوڏ جي پاڻي سبب رستي تي ئي پٽڙي تان لهي ويا. انڊس هاءِ وي سيوهڻ ٽول پلازا وٽان بند ٿي ويو.  خيرپور ناٿن شاھھ ميهڙ وٽان رستو ٻڏي کي الاهي ڏينهن ٿي ويا.

جوهي ته اهڙين حالتن ۾ سدائين نو گو ايريا ئي بنيل هوندي آھي.2022ع ۾ به جيڪڏهن سنڌ يا پاڪستان ۾ ڪو بک وگهي مري وڃي ته وڏو الميو ليکبو ڇو ته هي ڪو چاڊ جھڙو آفريقي ملڪ ناهي. مليريا، ڊينگي ۽ گيسٽرو وبائي شڪل اختيار ڪندا وڃن. ان چوڏس اوندھه انڌوڪار ۽ نفسا نفسي جي عالم ۾ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا سان گڏ هر ايرو غيرو وٺ وٺان لايو ويٺو آھي. هر تنقيدي تير جو رخ حڪومت ۽ امدادي ادارن ڏانهن آھي جيڪو ڪافي جائز به هوندو پر ان جائز ناجائز هاءِ گهوڙا ۾ اسان سڀ نه ته پاڻ قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھيون، نه ئي تباهي ۽ بربادي جي quantum   يا مقدار جو احساس اٿئون، نه وري انساني صلاحيت جي محدوديت جو احساس اٿئون ۽ نه ئي غير سياسي ۽ انساني همدردي جي جذبي سان ان کي سمجهڻ لاءِ تيار آھيون، اسان جي خيرات ۽ امداد به جماعتي وفاداري سان مشروط آھي. ٻين مان ڪيڙا ڪڍڻ لاءِ هر ڪو هر وقت تيار آھي پر پنهنجي بي حسي ۽ بي عملي کان بي خبر آھي. ڇا واقعي صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون ، بين الاقوامي برادري ۽ انساني فلاحي ادارا  ايترا لاتعلق ۽ بي حس بنيل آھن جيتري واويلا جاري آھي؟ اچو ته ٿورو ان حقيقت جو جائزو وٺون.

ڪو فرد هجي يا خاندان يا وري حڪومت جڏهن به ڪنهن اوچتي آفت ۾ اچي ڦاسندي آھي ته ان جا حوصلا خطا ٿيڻ فطري ڳالھھ آھي، جيتوڻيڪ مندائتي مينهنِ جي پيشنگوئي موجود هئي ته معمول کان وڌيڪ مينهن وسندا پر هڪدم لڳ ڀڳ پنج سو سيڪڙو وڌيڪ مينهن وسڻ جي توقع اسان جهڙي قوم کي ڪانه هئي جن وٽ ھر مصيبت جو جواب هوندو آھي ته “الله ڀلي ڪندو”. بيشڪ سچ آھي پر موسمي حالتون ۽ آفتون به انهي رب جي قدرت ۾ موجود رازن جو اظھار هونديون آھن. ان کان پوءِ اهڙين حالتن ۾ اوچتو جن شين مثلن تنبو،ڪپڙا بسترا، مڇردانيون،دوائون ، کاڌ پيتي جا ٿيلها، پهچ لائق ٽرانسپورٽ ۽ اهڙيون ٻيون ضرورتون، هر وقت ايتري وڏي مقدار ۾ موجود نه هونديون آھن. اسان کان  وسرڻ نه گهرجي ته  سيپٽمبر 2017ع ۾ آمريڪا ۾ آيل سامونڊي طوفان IRMA  سڀني کي بيوس بنائي ڇڏيو هو. ان کان پوءِ جڏهن ايڏي وڏي آفت آئي هجي جنهن جو مقدار ۽ متاثر ايراضي به بي حساب هجي،  روڊ ،رستا ۽ ريلوي جو نظام به درهم ٿيل هجي ته ان صورت ۾ سڀ کان پهريائين ريسڪيو يا انسانن جي زندگي جي بچاءَ جون تدبيرون ڪرڻيون پونديون آھن تنهن بعد بحالي ۽ تعمير جو ڪم ڪرڻو هوندو آھي. موجوده مصيبت ۾ اڃا تائين بچاءَ وارو ڪم به مڪمل نه ٿيو آھي ڇاڪاڻ ته پاڻي جا قدرتي وهڪرا يا ته بند آھن يا وڏا ماڻھو گس نٿا ڏين يا حڪومتي حڪمت عملي جون خاميون آھن جو ساڳيون پاڻي موت جي تلوار بنيو اتي جو اتي پيو گهمي جيئن منڇر ۾ تازا ڪٽ لڳائڻ کان پوءِ واري صورتحال پيدا ٿي آھي يا وري سانگهڙ، نئون ڪوٽ جهڏي، جوھي، خيرپور ناٿن شاھھ، ميهڙ ۽ قمبر شھداد ڪوٽ ۾ اڳ ئي ساڳيو حال آھي، جيتري تائين بچاءَ ۽ امداد جو تعلق آھي ته روڊ رستا بند هوندي به ڪافي ڪم هلي پيو آھي پر هر هڪ تائين رسائي صرف وڏي ٽاسڪ  هجڻ ڪري نه ٿي سگهي آھي.

وفاقي حڪومت ڪورونا ايمرجنسي جي انداز ۾  نيشنل فلڊ رسپانس ڪو آرڊينيشن سينٽر قائم ڪيو آھي جنهن ۾ فوج جا سڀ شعبا هر حالت ۾ گڏ هوندا. ساڳي طرز تي خود پاڪ فوج نيشنل فلڊ رسپانس سينٽر ۽ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت گڏجي متاثرن ۽ بنيادي ڍانچي جي بحالي لاءِ ٽاسڪ فورس قائم ڪيو آھي. حڪومتي ۽ اقوام متحده جي اپيل جي نتيجي ۾ پنجاھھ کان وڌيڪ هوائي جهاز ۽ ترڪي مان ريل گاڏيون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آھن. اقوام متحده جو سيڪريٽري جنرل خود ان مقصد لاءِ پاڪستان آيو آھي ۽ کيس بريفنگ ۾ ٽيھھ ارب ڊالرن جو نقصان ٻڌايو ويو آھي. موٽ ۾ پاڻ عالمي برادري جي حمايت حاصل ڪرڻ جو يقين ڏياريو اٿن. امير ۽ دوست ملڪن ڪروڙين ڊالر امداد ڏني آھي ۽ مالياتي ادارن طرفان ان طرح جي امداد لاءِ حڪومت باقاعده درخواست ڪئي آھي ۽ اميد ته امداد ملندي به سهي. پر ان کان وڌيڪ فخر جهڙو ڪم اسان جون پنهنجون فلاحي تنظيمون جهڙوڪ الخدمت،ظفر عباس جي JDC،ايڌي ٽرسٽ،سيلاني ۽ ٻيون بيشمار ننڍيون وڏيون تنظيمون ان خير جي ڪم ۾ رستن جي رڪاوٽن  باوجود ڏينهن رات رڌل آھن.

مدد لاءِ پڪاريندڙ پنهنجي جاءِ تي جائز آھن ڇو ته ڏورانهن ۽ مشڪل هنڌن تائين امدادي ٽيمن کي اڃا تائين رسائي حاصل نه ٿي سگهي آھي. حڪومتي مشينري جي نااهلي سياسي ترجيحن ۽ پنهنجا نوازي جا الزام به ڪافي هنڌن تي درست لڳا آھن. ان جي باوجود هر وقت تنقيد ڪندڙن کي سوچڻ گھرجي ته حڪومت هجي يا فوجي ادارا، خيراتي ادارا هجن يا سخي مرد پر آھن انسان. ان ڪري انهن جي جدوجهد ۾ ڪاميابي جون حدون محدود آھن. اهو به سوچجي ته ڪم ۾ مصروف سڀ فرد ٻه نمبري نه ڪندا هوندا. هر وقت لعن طعن ڪري ڪٿي انهن مخلص ماڻھن جي توهين ته نه پيا ڪريون؟منهن جي پڪائي ڪندڙ ته توهين عدالت کي به بهادري سمجهندا آھن. ڏکئي وقت ۾ ڏٻري جي  ڪوڙي سچي همت افزائي ڪري به هن جي همت وڌائبي آھي نڪي ان کي ڊيڄائي نا اميد ڪبو آھي. ٻوڏن ۽ زلزلن ۾ ڪمزور توڙي خونخوار جانور به ساڳئي ٻيٽ تي پناھھ وٺندا آھن. اسان جيڪڏهن خونخوار جانورن جيتري به ساڃاھھ پيدا ڪري سگهون ها ته ملڪ جو سڀ کان وڏو ليڊر اهڙين حالتن ۾ به “ جلسي تي جلسا”جي راند کيڏي سڀني سان حالتِ جنگ ۾ نه هجي ها. يقين رکجي ته هي ڏکيو وقت به گذري ويندو. مدد ۽ امداد به سڀني تائين پهچندي.

اهڙي نفسا نفسي جي عالم ۾ سرڪاري ملازمن جون ڪجھھ تنظيمون، لوئر جڊيشري جو ڪو هڪ اڌ ميمبر صاحب ۽ سرڪاري وڪيلن مان ڪي ڌريون ته ٻن ۽ پنجن ڏينهن جي پگهار ڪٽوتي کي روڪرائڻ لاءِ عدالت پهچي ويون. استادن جي تنظميمن ته حد ڪري ڇڏي. پٽيشن به داخل ڪرائي ته پريس ڪلبن تي مظاهرا به ڪيا. سترهين گريڊ کان مٿي وارن ملازمن جي پنج ڏينهن پگهار هڪ قسط ۾ ڪاٽڻ واري فيصلي کي ٻن قسطن ذريعي وصولي سان حڪومت بهتر بنائي پئي سگهي جيڪا هڪ ڀل ڀانئجي ٿي. باقي رهيا مظاهرا ڪرڻ وارا ته مثال طور پاڻ پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول ٽيچرس ۽ ننڍن ملازمن کي ميار نٿا ڏيون پر 17 گريڊ کان 20 گريڊ جا استاد جيڪي ماشاءَ الله ٿوري ڪم جي ججهي پگهار کڻن ٿا ۽ انهن ڏينهن جي به کڻن ٿا جڏهن ادارا ڪورونا،مينهن، واءَ، زلزلي، هنگامن،اليڪشن ،آدمشماري، سردي گرمي جي موڪلن ۽ ڪنهن جي مرڻ توڙي ڄمڻ جي موڪلن سبب بند هجن ٿا.

پگهار دار کي پگهار ڀل سڀ مري وڃن ته به پهرين تاريخ تي ملي ٿي ۽ 365 ئي ڏينهن ملي ٿي، مٿي جن مسڪين ماروئڙن، ڏتڙيل ، بي گهر، بي يار ومددگار آدم ۽ حوا جو اولاد جو ذڪر آيو آھي،  اهي ٻن گرھن ماني ۽ ٻه ڍڪ پاڻي جا گهرجائو بنجي کليي آسمان هيٺان الله جي آسري، سرندي وارن جي آسري اوسيئڙي ۾ آھن تڏهن ايتري ڪنجوسپائي ۽ سنگدلي کان بچڻ ممڪن هو. اهي سڀ بيوس غريب نه هئا، انهن جون اوطاقون هلنديون هيون، قسمت کڻي اچي کين ان مقام تي بيهاريوآھي، انسان روزو به رکندو آھي ته ويلو ٽري ويندو آھي،کڻي ڪجھھ ويلن ٽارڻ مثل قرباني ڪجي ها، بيمار به ٿي پئبو آھي، حادثو به ٿي پوندو آھي، ڪار خراب به ٿي پوندي آھي، پنجن دوستن کي هوٽل ۾ ماني به کارائي ڇڏبي آھي، اعتراض واريو ويو ته  ملازم پاڻ ۽ سندن خاندان به متاثر ٿيا آھن،

حڪومت تي ڀروسو ناهي. ايئن به ناهي. اها حڪومت ئي آھي جيڪا سڀني انسانن ۽ انفرا اسٽرڪچرکي بحال ڪرڻ جو ڪم به ڪندي ۽ جيئن تيئن ڪري ساري ٽٽل روڊ – ريل نيٽ ورڪ جي باوجود هر هڪ تائين پهچندي به ڇو ته وٽس وسيلا ۽ ادارتي نيٽ ورڪ موجود آھي. پڪ سمجهجي  ته ڪجھھ سيڪڙو بد عنواني ۾ ضايع ٿي ويندو ته به جانيون بچي پونديون. اسان وٽ انفرادي طرح اهو نيٽ ورڪ ناهي. تنهن کان سواءِ زندگي جون جيتريون ۽ جهڙيون به سهولتون پگهار سميت ميسر آھن اهي حڪومت طفيل ئي ته آھن. هي ايڪيهين صدي جو منظم سماج آھي نڪي قدرتي دور. اسان مان ڪافي دوستن انهن لٽيل پٽيل مظلوم انسانن تي نفرت انگيز تبصرا ڪيا ته اهي پينو،ڌاڙيل ۽ جاهل ڪراچي جهڙن شھرن تي منصوبه بندي تحت قابض ٿيڻ  پيا اچن. افسوس آھي. بد دعا  به ڪيئن ڏجي ته شل اهڙن ڪردارن کي اهڙائي ڏينهن ڏسڻا پون پر اسان جي دعائن ۾ اهڙو اثر هجي ها ته سڏڪندڙ سنڌ جا سور گهٽائڻ لاءِ دعائون ضرور قبول پون ها ! جن خواتين و حضرات بهانو بنايو ته اسان خير جو ڪم پنهنجي هٿ سان ڪنداسين، اڪثريت رڳو بهانو بنائي رقم بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

آخري ڳالھھ ته تنقيد، تعريف، سخا ۽ بخل ۾ به حقيقت پسندي کان ڪم وٺڻ گھرجي. ڏکئي وقت جي خوبصورتي اها آھي ته اهو نيٺ گذري ويندو آھي. بس رڳو هر ڪنهن جو ظرف سامهون اچي ويندو آھي.