لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) گذريل سال آڪٽو جي ۾ ڪار ٺاهيندڙ دنيا جي سڀ کان وڏي ڪمپني ٽويوٽا جي اعلان سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو هو. ٽويوٽا ڪمپني دعويٰ ڪئي آهي ته هوءَ جلد اليڪٽرڪ ڪارن لاءِ اهڙي بيٽري بڻائڻ جوڳا ٿي ويندا جنهن جي مدد اليڪٽرڪ ڪار 1200 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ مفاصلو طئي ڪري سگھندي. اِهو ئي نه پر اها بيٽري رڳو ڏهن منٽن ۾ ري چارچ ٿي ويندي، ٽوڪيو ۾ اهو اعلان ڪندي ٽويوٽا ڪمپني جي سربراهي ڪوجي ساتو جو چوڻ هو ته اهو نه رڳو اليڪٽرڪ ڪارن جي صنعت پر آٽوموبائلز انڊسٽري لاءِ به هڪ انقلابي ايجاد آهي. ڪوجي ساتو جو چوڻ هو ته اها نئين بيٽري ٺاهيندڙ مينوفيڪچرنگ انڊسٽري کي هڪ نئين مستقبل ڏانهن وٺي ويندي. تنهنڪري هن هفتي اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ڇا ٽويوٽا اليڪٽرڪ ڪار جي بيٽري جو مسئلو واقعي حل ڪري ڇڏيو آهي؟. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي زيرو انسٽيٽيوٽ جي شعبي جٽادار توانائي ۽ انجينيئرنگ جي ڊائريڪٽر پال شيئرنگ جو چوڻ هو ته بيٽرين تي هلندڙ ڪارون ايتريون نيون نه آهن جيتيون عام ماڻهو سوچيندا آهن. ليٿيم آئن بيٽرين تي هلندڙ گاڏين جوسڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته اُهي ماحول کي گھٽ نقصان رسائينديون آهن پر پيٽرول يا ڊيزل تي هلندڙ گاڏيون ٽينڪ ڀرجڻ تي مفاصلو طئي ڪري سگھن ٿيون جڏهن ته ان مفاصلي کي طئي ڪرڻ لاءِ ليٿيم بيٽرين کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا چارج ڪرڻو پوندو آهي.