ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور اداڪارا ۽ سپر ماڊل عفت عمر چيو آهي ته غلطي انسان کان ئي ٿيندي آهي پر ان غلطي سبب هو انسان کي ٽڪي جو ناهي بڻائيندي. خانگي چينل جي هڪ پروگرام جي انٽرويو ۾ عفت عمر چيو ته هڪ غلطي جي معافي جيئن مرد کي ملندي آهي اهڙي طرح عورت کي به ملڻ گهرجي، ڪا به عورت ٽڪي جي ناهي هوندي، زماني ۾ هرطرح جون ڪهاڻيون آهن، غلطي انسان کان ئي ٿيندي آهي، پر ان غلطي سان انسان ٽڪي جو ناهي ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهڙو ڪو ڪردار کيس نظر نٿو اچي تنهن لاءِ ڪجهه وقت کان اسڪرين کان پري آهيان. هن چيو ته رڳو عورت کي مظلوم ڏيکارڻ واريون ڪهاڻيون آهن، عورت کي روئندي ڏيکاريو ٿو وڃي ، ڪهاڻيون بيڪار ٿينديون ٿيون وڃن.