دوحا(اسپورٽس نيوز) پرتگال جي اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو تي مداح جي هٿ مان هن جو موبائل فون هيٺ اڇلائڻ تي 2 ڊوميسٽڪ ميچن جي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. هلندڙ سال اپريل ۾ مانچسٽر يونائيٽڊ طرفان کيڏندي رونالڊو انگلش فٽبال ڪلب ايورٽن هٿان شڪست کانپوءِ ميدان مان ڊريسنگ روم ويندي تماشائين ۾ موجود وڊيو ٺاهيندي هڪ مداح جي فون تي ڪاوڙ ۾ هٿ هڻي هن جو موبائل هيٺ اڇلائي ڇڏيو. مداح جو موبائل ڪيرائڻ تي ڪارروائي ڪندي فيفا اختيارين ڪريسٽانو رونالڊو تي پابندي لاڳو ڪئي آهي.