نئين دهلي(شوبز نيوز) ڪينيڊين ڄائي ڀارتي اداڪارا ۽ ماڊل نورا فتيحي انڪشاف ڪيو آهي ته پهرين فلم ۾ ساٿي اداڪار سان شوٽنگ دوران جهيڙو ٿي پيو ۽ هڪ ٻئي کي مارڪٽ ڪئي. اداڪارا “دي ڪپل شرما شو” ۾ شرڪت ڪئي. ڪپل پاران اداڪارا کان سوال ڪيو ويو ته فلم جي عڪسبندي دوران ڪڏهن سيٽي تي ڪو ناخوشگوار واقعو پيش آيو؟ جواب ۾ نورا پاڻ سان پيش آيل واقعي بابت ٻڌائيندي چيو ته منهنجو پهرين فلم جي شوٽنگ دوران ساٿي اداڪار (هيرو) سان جهيڙو ٿي پيو هو، هن بدتميزي ڪئي ته مان کيس چماٽ وهائي ڪڍي، جواب ۾ هن به مونکي چماٽ هنئين ته مون ٻيهر هن کي چماٽ وهائي ڪڍي جنهن تان هن منهنجا وار ڇڪيا. هن ٻڌايو ته ڊائريڪٽر اسان ٻنهي وچ ۾ ٺاهه ڪرايو.