اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير فواد چوڌري شاهد خاقان جَي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته، اوهان هڪ جوتو هڻندا ته اوهان ڏانهن سئو جوتا ايندا، توهان اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو؟ جنهن سان عام ماڻهو کي لڳي ته هي ڪهڙي پارليامينٽ آهي؟ هتي ڪهڙا ڪهڙا جوڪر اچي ويا آهن؟ ان سان پارليامينٽ جو تاثر خراب ٿئي ٿو، هن چيو ته شاهد خاقان عباسي پاران اسپيڪر لاءِ غلط لفظ استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا، پارليامينٽ ۾ مهذب رويو اختيار ڪرڻ گهرجي، اميد ڪريون ٿا ته اسپيڪر بابت بيان تي مسلم ليگ (نواز) پاڻ ان جي مذمت ڪندي، بدقسمتي آهي ته شاهدخاقان عباسي جهڙو ماڻهو پاڪستان جو وزيراعظم رهي چڪو آهي، ڪرسيون انهن جي لاءِ هيٺان اينديون آهن، هي ذهني معيار جي اعتبار سان انهن عهدن تي ناهن پهچندا، ماضي جي دورن ۾ قومي ادارن کي تباهه ڪيو ويو، پارليامينٽ کي آکاڙو نه بڻايو وڃي، اهڙيون ڳالهيون ڇو ڪيون وڃن ٿيون جن سان پارليامينٽ مذاق بڻجي؟