تهران/دبئي (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي دوري جي موقعي تي ايران پاڪستان مان نارنگيون گهرائڻ تي 9 سال اڳ لڳل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. شاهه محمود قريشي تهران جي پاڪستان هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پابندي ختم ٿيڻ تي خوشي ٿي جيڪو ٻنهي ملڪن جي ناتن جي مضبوطي جو ثبوت آهي. ايران سرحد تي واپاري مرڪز کولڻ جي تجويز تي راضپو ساراهه جوڳو آهي. ٻئي طرف عرب امارات پاڪستان کي قرض موٽائڻ جي تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان کي 2 ارب ڊالر 19 اپريل تي ادا ڪرڻا هئا پر هاڻ اها رقم ڏيڻ ۾ ڪجهه مهلت ملي آهي، جنهن تي شاهه محمود قريشي ٿورا مڃيا آهن.