فيصل آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ هڪٻئي کي چور چوندڙ ٻيهر گڏ ٿي ويا آهن، پيٽ ڦاڙڻ جي دعويٰ ڪندڙ اڄ پيٽ ملائي رهيا آهن، هنن کي صرف منهنجو ڊپ آهي، زرداري صاحب چيڪ بڪ کڻي ماڻهن کي خريد ڪرڻ  لاءِ نڪري پيو آهي. ڪڏهن ڪنهن سياستدان کي خريد ڪري ٿو ته ڪڏهن ڪنهن ٻئي کي، هنن جي مرضي آهي ڪجهه به ڪن پر کين سزائون ضرور ملنديون. فيصل آباد ۾ قومي صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته چورن جو ٽولو ٻيهر گڏ ٿيو آهي. چورن جي ٽولي جي کنگهه جو علاج به پرڏيهه ۾ ٿيندو هو، جڏهن ڏسو ڪو چيڪ اپ لاءِ لنڊن يا آمريڪا وڃي رهيو آهي. 20 سال اڳ هڪٻئي کي چور چوندا هئا، هنن ڪڏهن به عام ماڻهو لاءِ ناهي سوچيو، اها به اسان جي ذميواري آهي. آصف زرداري کي 2 ڀيرا تحريڪ انصاف جيل ۾ نه وڌو ، انهن کيس جيل ۾ وڌو، جيڪي اڄ ساڻس مليل آهن، وزيراعظم عمران خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته 30 سالن کان ملڪ مٿان حڪمراني ڪندڙ پنهنجو پيٽ ڀريندا رهيا. عمران خان بلاول جو نالو وٺڻ کانسواءِ مٿس تنقيد ڪندي چيو ته سنڌ ۾ جيڪو پارٽي اڳواڻ آهي اهو 13 سالن ۾ اردو ڳالهائڻ ناهي سکيو، برسات ايندو آهي ته پاڻي ايندو آهي، اوهان غريب ماڻهن کان پڇو ته انهن جي مٿان ڇا ٿي گذري. وزيراعظم جو چوڻ هو ته آصف زرداري چوري جا چيڪ بوڪ کڻي ماڻهو خريدڻ لاءِ نڪري پيو آهي، آصف زرداري ڪڏهن ڪنهن کي خريد ٿو ڪري، ڪڏهن ڪنهن کي، 25 سال پهريان هنن چورن خلاف جدوجهد شروع ڪئي، سياست ۾ هنن ٻنهي چورن خلاف جدوجهد ڪرڻ ئي آيو هيس، جڏهن وڏو چور چوري ڪري ٿو ته کيس سزا نٿي ملي. هي ملڪ ان لاءِ ناهي ٺهيو ته زرداري ۽ شريف امير ٿي وڃن، مقصود پٽيوالي جي اڪائونٽ ۾ 400 ڪروڙ ٿا اچي وڃن. مسرور انور جي اڪائونٽ ۾ ڪروڙين رپيا اچي وڃن ٿا. هنن کان ڪرپشن جو جواب گهرو ته جواب ڏيڻ بدران پارليامينٽ ۾ ڏيڍ ڏيڍ ڪلاڪ تقريرون ڪندا آهن، سندن تقريرون نوڪري جون درخواستون لڳنديون آهن. علاج لاءِ ٻاهر ويندڙ نوزشريف اتي پنهنجي فيڪٽرين جا دوري ڪري رهيو آهي، هڪ دل جو مريض ڏاڪڻون چڙهي رهيو آهي، هنن کي سڀ خبر آهي ته اسان پنهنجي ڪرپشن جو جواب نٿا ڏئي سگهون. هاڻ عمران خان جي خوف کان سمورا چور هڪٻئي کي ڀاڪر پائي رهيا آهن، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چورن جي حڪومت ۾ هوندي هن ملڪ جو ڪوبه مستقبل نه هو، مونکي رب پاڪ عزت، پيسو سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏيو هو، مون سمورو يورپ ڏٺو آهي پر آئون هن چورن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ سياست ۾ آيس، 25 سال اڳ هنن چورن جي خلاف جهاد جي لاءِ آيو هيس ۽ هنن چورن جي خلاف جدوجهد جاري رکندس.