اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا کي تاحيات  نااهل قرار ڏئي ڇڏيو ، سينيٽ جي سيٽ خالي قرار، فيصل واوڊا کي پگهارون ۽ مراعتون واپس ڪرڻ جو حڪم تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن ۾ پي ٽي آءِ سينيٽر فيصل واوڊا کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ داخل ٿيل درخواست تي اليڪشن ڪميشن پاران 23 ڊسمبر 2021ع تي محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪيو ويو آهي، 27 صفحن تي ٻڌل فيصلو چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا سنڌ مان مقرر ميمبر نثار دراني ۽ بلوچستان مان مقرر ميمبر شاهه محمد جتوئي پاران متفقه طور تي ٻڌايو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 ڪراچي تي 7 جون 2018ع تي اميدوار طور فيصل واوڊا جمع ڪرايل نامزدگي فارم ۾ آمريڪي شهريت ظاهر نه ڪئي، فيصل واوڊا آمريڪي سفارتخاني کي شهريت ڇڏڻ بابت درخواست به نامزدگي فارم سان گڏ جمع نه ڪرائي، آئين جي آرٽيڪل 63 جي شق سي تحت ٻٽي شهريت رکندڙ ڪو به شهري چونڊ وڙهڻ لاءِ اهل ناهي، قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 249 ڪراچي تي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ وقت فيصل واوڊا چونڊ وڙهڻ لاءِ اهل نه هو، فيصل واوڊا 7 جون 2018ع تي رٽرننگ آفيسر وٽ غلط حلفي بيان جمع ڪرايو، جيڪو عمل آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف جي زمري ۾ اچي ٿو، فيصل واوڊا پاران نادرا جو  جمع ڪرايل سرٽيفڪيٽ معيار تي پورو نه ٿو لهي، آخري ٻڌڻي دوران فيصل واوڊا کي آمريڪي شهريت ڇڏڻ واري سرٽيفڪيٽ جي ڪاپي ڏيکاري وئي پر فيصل واوڊا ان ڪاپي کي رد ڪيو، فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته فيصل واوڊا آمريڪي شهريت ڇڏڻ جي تاريخ ٻڌائڻ ۾ ناڪام رهيو، آمريڪي سفارتخاني تصديق ڪئي ته فيصل واوڊا جي آمريڪي شهريت 25 جون 2018ع تي ختم ٿي، ان ڪري فيصل واوڊا 7 جون 2018ع تي نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ وقت ٻٽي شهريت هجڻ ڪري چونڊ وڙهڻ لاءِ اهل نه هو، چونڊ وقت فيصل واوڊا کي ٻٽي شهريت هجڻ جو مامرو ثابت ٿيو آهي، فيصل واوڊا غلط حلف نامو جمع ڪرايو، غلط بياني ڪئي، فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته فيصل واوڊا پاڻ پنهنجي عمل کي مشڪوڪ بڻايو، هن قومي اسيمبلي جي ميمبر طور سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪيو، جنهن کان پوءِ قومي اسيمبلي جي سيٽ تان استعيفا ڏئي هو سينيٽ جو اميدوار ٿي ويو، قومي اسيمبلي تان استعيفا ڏئي سينيٽ جي چونڊ وڙهڻ وارو مامرو شڪي هو، فيصل واوڊا پنهنجو ڏوهه لڪائڻ لاءِ قومي اسيمبلي تان استعيفا ڏني،  اليڪشن ڪميشن فيصلي ۾ فيصل واوڊا کي تاحيات چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏيندي حڪم ڏنو  آهي ته فيصل واوڊا قومي اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ کان استعيفا ڏيڻ تائين قومي اسيمبلي جي ميمبر طور حاصل ڪيل مالياتي فائدا، عوامي عهدو رکڻ دوران حاصل ڪيل فائدن، پگهارن، ٽي اي ڊي، رهائش تي آيل خرچن سميت سمورين مراعتن جي مد ۾ حاصل ڪيل رقم ٻن مهينن اندر قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري وٽ رقم جمع ڪرائي وڃي، اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي ميمبر طور سينيٽ چونڊن ۾ فيصل واوڊا پاران استعمال ڪيل ووٽ جو حق به غلط هو، ان سان گڏ اليڪشن ڪميشن 2018ع جي اليڪشن ۾ جعلي حلف نامو جمع ڪرائڻ تي فيصل واوڊا جي 10 مارچ 2021ع تي سينيٽر طور ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جو فيصلو ڏيندي کيس سينيٽر طور به نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي.