هي بحران ڪهڙي طرف پيو وڌي؟

0
209
هي بحران ڪهڙي طرف پيو وڌي؟

 ڪو به بحران، ڀلي اهو معاشي هجي يا سياسي، انهيءَ جي پيدا ٿيڻ جا مضبوط مادي سبب هجن ٿا ۽ اهو بحران ان وقت تائين ختم نٿو ٿي سگھي، جيستائين ان جا ڪارڻ ختم نه ٿين. ها، البته انهيءَ ۾ گھٽ وڌائي ايندي رهندي آهي. ڪو بحران اچڻ سان هي تصور ڪيو ويندو آهي يا ڪرايو ويندو آهي ته بحران ختم ٿي ويو پر جڏهن ان ۾ شدت ايندي آهي، تڏهن انتهائي خوف ۾ مبتلا ٿيندي اڪثر عوام ۽ خواص جي ذهن ۾ اها ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي ته هاڻوڪي هن بحران ۾ اسان جو ڇا ٿيندو يا هي بحران ڪهڙي طرف وڌندو، ڪٿي پهچائيندو؟

                 سياست جا پارکو يعني جن جو شعور سائنسي ۽ جدلياتي اصولن جي بنيادن تي هوندو آهي، اهي اهو ٺيڪ طرح سان اندازو لڳائي ويندا آهن ته انت ڇا ٿيندو؟ جيئن سرمائيداري جي بحرانن تي لينن هي تفصيلي بحث ڪيو آهي ته سرمائيداري جبر ۽ استحصال بحرانن جو اصل سبب هوندو آهي، تنهن ڪري سرمائيداري جو بحران مسلسل نه رڳو قائم ٿو رهي پر انهيءَ ۾ اضافو به ٿيندو ٿو رهي. اسان کي اهو به ٺيڪ طرح سان سمجھڻ گھرجي ته ڪنهن به سماج جي بحرانن جو اندازو ماضيءَ جي معاشي ۽ سياسي ترقي يا بيهڪ سان ڪرڻ هڪ ٻيو احمق پڻو يعني بيوقوفي ٿيندي. معاشي ۽ سماجي ترقيءَ جو پيمانو موجود حالتن جي بنيادن تي ئي ڪٿيو ويندو آهي ۽ انسان پنهنجي مستقبل جي نگاھ سان ۽ انهن پيمانن تي انهيءَ کي پرکي ٿو، تنهن ڪري اهو چوڻ ته موجوده حالتون سرمائيدارنا سماج جي اندر ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر آهن، انهيءَ جي بجاءِ اهو ڏسڻ گھرجي ته معاشي ۽ سياسي تضاد موجوده حالتن کان مستقبل ۾ وڌيڪ شدت سان ايندا، گھٽ نه ٿيندا. بلڪل ائين ۽ اهڙي طرح سان اسان هن ملڪ جي موجود بحران کي ۽ ماضيءَ جي بحرانن کي پرکي سگھون ٿا ۽ اسان کي پرکڻ به گھرجي، ته هن ملڪ ۾ ڪا به چونڊيل حڪومت پنهنجي مدي پوري ڪرڻ ۾ ڇو مطمئن ناهي رهي! هر دور ۾ هر آئي ڏينهن بي يقيني جي تلوار رڳو لٽڪندي ناهي رهي پر ان جي ڪِرڻ ۽ اقتدار وڃڻ جو خوف مسلسل ۽ تسلسل سان رهندو آيو آهي ۽ انهيءَ خوف جو ڪارڻ سياسي جماعتن کان وڌيڪ يعني مخالفن جماعتن کان وڌيڪ پسِ پرده طاقتور اسٽيبلشمينٽ رهندي آئي آهي. ڪهڙو سياسي اڳواڻ هن ملڪ ۾ آهي يا گذري چڪو آهي، جنهن انهيءَ طاقت کي اقتدار ڏيارڻ ۽ کسڻ جو محرڪ ناهي سڏيو. پاڻ هي بحث ڪندي اهو نٿا ورجايون ته هن ملڪ ۾ ڪيتريون مارشل لائون لڳي چڪيون آهن ۽ مستقبل ۾ انهن جو ڪيترو خطرو آهي پر تجزيي جو مرڪزي نقطو هي آهي ته انهيءَ مرڪزي طاقت جي بنيادي حقيقت کي جيڪڏهن آسيرو پاسيرو ڪري لکيو ويندو يا ڳالهايو ويندو ته معاملو ٺيڪ منقطي نتيجي تي پهچڻ جي بجاءِ ڪي ٺوس نتيجن جي ڪڍڻ جي بجاءِ خود ٿيندڙ بحث به ائين ئي آسيرو پاسيرو ٿي ويندو. ڀلي ڪيتري به سختي هجي پر معاملي جو بنيادي جوهر جيڪو موجود آهي، انهيءَ کي ڪنهن به نگاھ کان نظر انداز نٿو ڪري سگھجي.

اڄ جيڪڏهن پي ٽي آءِ يا عمران خان جي مٿان اها تنقيد ٿئي ٿي ته هن پنهنجي اقتداري حاصلات جي لاءِ ان طاقت جو رڳو سهارو نه ورتو پر ان جي ديوتائي انداز سان پوڄا به ڪئي ته بلڪل ٺيڪ ۽ سچ آهي. پاڻ اهو به نٿا ورجايون ته ماضيءَ ۾ اقتدار ۾ ايندڙ ڪا اهڙي هڪ به شخصيت هن ملڪ جي تاريخ ۾ ٿي گذري آهي، جنهن جو سفر ان رستي سان نه ٿيو هجي ۽ هو ان گھٽيءَ مان نه گذريو هجي. تنهن ڪري بار بار ورجاءَ کان هٽي ڪري پاڻ اهو ٿا ڏسون ته هن وقت عمران خان پنهنجي بچيل سچيل پارٽيءَ سان انهيءَ اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ جيڪو موقف يا رويو يا کڻي پاڻ اڃان ائين چئون ته سڌو سنئون ٽڪراءَ اختيار ڪيو آهي ته ڇا هو ان جي نقصانن کان باخبر نه هو؟ ڇا هو ايترو ٻار آهي، جو 9 مئي جي واقعي تي هڪ تنقيدي موقف رکڻ ۾ هٻڪ کان ڪم وٺندي اڻ سڌي طرح حمايتي رويو اختيار ڪندي کيس اها خبر نه هئي ته هو ڪهڙي تڪليف مان گذرندو ۽ جيڪا ميڙا چونڊي هن اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي ڪئي هئي، اهي سڀئي ڪردار ڇڙ وڇڙ ٿي ويندا؟ ڇا ان کي اها خبر ناهي ته هن جي پارٽيءِ جي اندر هڪ وڏو تعداد ان برگر ڪلاس جو آهي، جنهن جي نڙيءَ مان گرم پاڻيءَ جو ڍڪُ به لهندي کيس دانهون ڪڍرائيندو آهي، اهو ڪلاس ۽ اهو ووٽ بينڪ هن جي ان ٽڪراءَ واري پاليسيءَ سان ڪيترو ٻانهن ٻيلي ٿي بيهندو؟ تاريخ جو شعور هر ماڻهوءَ کي هوندو آهي، ها صرف ڪجھ گھٽ وڌائيءَ سان. تنهن ڪري پاڻ اهو ٺيڪ طرح سان سمجھون ٿا ته موجوده حالتن ۾ ٿيندڙ ٽڪراءَ هڪ شعوري ۽ حڪمتِ عملي جي بنيادن تي ٿيل آهي. انهيءَ جو بنيادي ڪارڻ به اهوئي آهي ته جنهن طاقت اقتدار جو ۽ سياسي طاقت جو مرڪز پاڻ کي بڻايو آهي، انهيءَ سان اهوئي الجھاءُ ڪري ٿو ته ان جي ناراضگي ختم ٿئي يا ان تي دٻاءُ وجھي، ان کي مجبور ڪجي ته هو پنهنجي رنجش، ناراضگي ۽ دوري کي ختم ڪري. ممڪن آهي ته ڪجھ وقت کان پوءِ يا ڪن ٻين طاقتن جي مداخلت سان انهيءَ ۾ ٺاپر اچي ۽ معاملو نئين سري سان هڪ جوڙجڪ اختيار ڪري. اهڙا امڪان انهن ڪردارن مان هميشه رکي سگھجن ٿا ۽ انهن کي رد نٿو ڪري سگھجي پر معاملو بحرانن جو انهن ٽڪرائن کان ڪجھ الڳ ٿلڳ بيٺل آهي ۽ اهو هي آهي ته هن ملڪ جي اشرافيا ڪلاس اقتداري سياست کي پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي ٽولي جي لاءِ جيترو منافع بخش ڪاروبار بڻايو آهي، ان ٽولي جا اندروني تضاد ۽ هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جو مسلسل سياست ۽ رياست جي تمام ادارن ۾ رهندڙ مداخلت عوام ۽ انهن قوتن جي وچ ۾ هڪ اهڙي وٿي پيدا ڪئي آهي، جيڪا مسلسل وڌندي ئي وڃي ٿي. هاڻي اها وڇوٽي ايتري ته وڌي چڪي آهي، جو انهيءَ تي پل ٺاهڻ مشڪل ٿيندو ٿو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن وقت ۽ ڪنهن جاءِ تان ڪا پل جڙي به اٿي ته وري وڌندڙ وڇوٽيءَ جو جھٽڪو انهيءَ کي ڪيرائي ڇڏي ٿو.

هي بحران جيڪو پي ٽي آءَ- پي ڊي ايم جو بحران چيو ٿو وڃي يا عمران خان ۽  نواز شريف، زرداريءَ جي ٽڪرائن جو بحران آهي، انهيءَ تي ايترو سوچڻ سياست کي نه سمجھڻ ۽ احمقانا تجزيي کان سواءِ ڪجھ به ناهي. درحقيقت عوام جي اندر سياست ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وڌندڙ وڇوٽي ئي عوام جي جياپي جا رستا سوڙها ڪري ڇڏيا آهن ۽ عوام ان ٽڪراءَ کي مختلف مورچن تان وڙهندي پنهنجو غصو ڏيکاري ٿو. عوام جڏهن سمجھي ٿو ته نواز شريف “هاڻي انقلابي ٿي ويو” ته ان جو ساٿ ٿو ڏئي ۽ جڏهن نواز شريف چار قدم پوئتي هٽي پراڻي ڪيمپ ۾ وڃي ويهي ٿو ۽ عمران خان دٻنگي انداز سان اڳتي ٿو اچي ته عوام جو پلٽو وري ان طرف ٿو ٿئي. تضادن جي شدت اسان کي سمجھائي ٿي ته عوام جو سورمو نه نواز شريف آهي ۽ نه وري عمران خان. درحقيقت عوام پنهنجي پيڙا ۽ دٻاءُ مان نڪرڻ جي لاءِ مختلف رستا ڳولهي ٿو، ائين ئي جيئن زمين جي اندر پچندڙ لاوو اتان نڪرندو آهي، جتان ان کي وٿي ملندي آهي يا زمين جو اهو حصو ڪمزور ٿيندو آهي پر جڏهن ان لاوي کي نڪرڻ جي ٻي جاءِ ناهي ملندي ته پوءِ ڌماڪي سان پهاڙ به ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندو آهي. قانون فطرت اهوئي آهي ۽ اهوئي رهندو، تنهن ڪري هي بحران اصل عوام ۽ عوام تي قابض قوتن جي ٽڪراءَ جو بحران آهي، جيڪو پنهنجي تسلسل سان اڳتي وڌي ٿو. ها البته انهيءَ جي اظهار جا مورچا بدلبا ٿا رهن ۽ اهي بدلبا رهندا پر اسٽيبلشمينٽ ۽ اشرافيا ڪلاس عوام جي ان شعور کي ۽ ان ڪروڌ کي مڃڻ جي لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار ناهن. هو بحران کي عوامي بحران سمجھن ئي نٿا، صرف ۽ صرف اهوئي ٿا سمجھن ته هتي ليڊرن جا ننڍا ننڍا گروھ پنهنجي ليڊر جي سحر ۾ اچي ڪري ٽڪراءَ جي راھ اختيار ٿا ڪن ۽ ڀليل، بي سمجھ ۽ بيوقوف آهن. عوام کان خالي سياست سوچيندڙ گروھ ائين ئي سوچيندو ۽ هن پنهنجي پوري تاريخ ۾ ائين ئي سوچيو آهي. انهيءَ ۾ هنن جي اهائي مجبوري آهي ته جيڪڏهن حقيقتن کي عوامي سچائي جي بنيادن تي تسليم ڪندا ته هو پنهنجي گروهي مفاد جو تمام وڏو نقصان ڪندا پر زميني حقيقتون سياست ۽ معيشت جا حقيقي تضاد ڪنهن جي مڃڻ جا محتاج ناهن هوندا. اهي مادي طرح وجود رکندا آهن ۽ ٽڪراءَ ۾ ايندا آهن ۽ اوستائين ٽڪراءَ ۾ ايندا، جيستائين کين نتيجا ۽ ڪاميابي نه ملي. تنهن ڪري با آساني پاڻ اهو سمجھي سگهون ٿا ته هي بحران اڃان به وڌندو. هن جي منزل ڪنهن ليڊر جو اقتدار ۾ اچڻ يا اقتدار مان هٽڻ ناهي پر عوام جي معاشي ۽ سياسي حقن جي حاصلات جو مقصد آهي ۽ اهائي هن جي منقطي منزل به.