پوليس کي ماڻھو مارڻ جو ‘لائسنس’ ڪنھن ڏنو آھي؟

0
328
مهانگائي ۽ غربت زندگين جو خراج وٺڻ لڳي آهي

ڪجھ وقت کان ‘پوليس مقابلن’ ۾ ماڻھن جي مارجڻ جون خبرون رپورٽ ٿي رھيون آھن. رڳو ڪالھوڪي ‘پنھنجي اخبار’ ۾ به ان حوالي سان ٻه خبرون رپورٽ ٿيل آھن. ھڪ خبر ڪرمپور ويجھو مبينا پوليس مقابلي جي آھي، جنھن ۾ علي نواز جعفري نالي شخص کي پوليس ڏوھاري ڄاڻائي ‘مقابلي’ ۾ مارڻ جي دعوا ڪئي آھي، جڏھن ته مارجي ويل شخص جي وارثن موجب علي نواز جعفري ڏوھاري نه پر پورھيت ھو، پوليس کيس بيگناھ قتل ڪيو آھي. مبينا پوليس مقابلي جي ٻي خبر جيڪب آباد مان رپورٽ ٿي آھي، جتي جي ڳڙھي چنڊ واري علائقي ۾ نوجوان صدام لاشاري مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آھي. وارثن جو چوڻ آھي ته صدام لاشاريءَ کي ٽي ڏينھن اڳ ھوٽل تان گرفتار ڪيو ويو ھو. پوليس پئسن جي گھر ڪئي، نه ڏيڻ تي کيس جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو آھي.

خطرناڪ ڏوھارين، ڌاڙيلن ۽ دھشتگردن کي ڏسي رستا بدلائيندڙ پوليس بي پھچ ۽ بيگناھ ماڻھن کي جڙتو مقابلن ۾ مارڻ جو وڏو رڪارڊ رکي ٿي. جڏھن به عوامي احتجاج کان پوءِ پوليس مقابلن جي جاچ ٿيندي آھي ته ڪيترائي مقابلا جڙتو نڪري پوندا آھن ۽ پوءِ ڇا ٿيندو آھي، جو يا ته پوليس دٻاءُ وجھي متاثر ڌر کي راڄوڻيءَ لاءِ مجبور ڪري معاملو ختم ڪرائي ڇڏيندي آھي، يا وري پوليس خلاف ڪا ڪارروائي ٿي ته به وڌ ۾ وڌ ملوث اھلڪارن کي معطل ڪيو ويندو آھي، جڏھن ته اھڙي معاملي ۾ معطلي ڪا به سزا نه آھي. سوال اھو آھي ته پوليس کي ماڻھو مارڻ جو ‘لائسنس’ ڪنھن ڏنو آھي؟ ڪو ماڻھو ڏوھاري آھي ته پوليس جو ڪم ان کي عدالت جي ڪٽھڙي تائين پھچائڻ آھي، پر پوليس پئسا نه ڏيڻ يا وري ڪنھن انعام، اعزاز، پروموشن لاءِ به بيگناھ ماڻھو ماريندي دير ئي نه ڪندي آھي. پوليس جي اھڙي رڪارڊ جي ڪري جڏھن ڪو حقيقي مقابلو ٿئي ٿو، تڏھن به ان تي ڪئين شڪ پيدا ٿين ٿا. اھا بي اعتباري پوليس جي پنھنجي پيدا ڪيل آھي، جيڪا مختلف وقتن تي جڙتو مقابلن جي ڪري پيدا ٿي آھي. خبرن موجب، جيڪب آباد پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل صدام لاشاريءَ جو ڪو به ڏوھاري رڪارڊ سامھون نه آيو آھي، جنھن مان ھن جي خطرناڪ ڏوھاري ھجڻ جو پتو پوي، سواءِ ڊيوٽي اٽڪاءَ ۽ جوا جي ڪيسن جي. ٻئي طرف ان جي وارثن جو اھو اھو چوڻ به جاچ جو گھرجائو آھي ته صدام لاشاريءَ کي ٽي ڏينھن اڳ ھوٽل تان گرفتار ڪري ايس ايڇ او، 10 لک رپيا رشوت نه ڏيڻ تي جيڪب آباد پوليس جي حوالي ڪيو، جنھن ان کي جڙتو مقابلي ۾ ماري ڇڏيو. ظاھر آھي ته اھا ڪا لڪڻ جھڙي ڳالھ آھي ئي ڪانه! اھو ھوٽل تان گرفتار ٿيو آھي ته اتي ويٺل ماڻھو ان ڳالھ جي تصديق ڪري سگھن ٿا. اھي به خبرون آھن ته، صدام لاشاريءَ جي مارچڻ کان اڳ واري ھڪ آڊيو رڪارڊنگ به سامھون آئي آھي، جنھن ۾ ھو ھڪ پوسٽ تي تبصرو ڪرڻ تي ڌمڪين ملڻ جو ذڪر ڪري ٿو، ھن 6 مئي تي سوشل ميڊيا جي ھڪ پوسٽ ذريعي پنھنجي قتل جو خدشو پڻ ظاھر ڪيو ھو. اھڙو ئي مشڪوڪ معاملو ڪرمپور واري پوليس مقابلي جو پڻ آھي. حيرت جي ڳالھ اھا پڻ آھي ته ڄاڻايل ٻنھي مبينا پوليس مقابلن ۾ پوليس اھلڪارن کي رھنڊ به نه آئي آھي!

اسان سمجھون ٿا ته جيڪب آباد ۽ ڪرمپور وارن مبينا پوليس مقابلن ۾ ضرورت صرف شفاف انڪوائريءَ جي آھي، جنھن ۾ اڇا ڪارا پڌرا ٿي سگھن ٿا. جڏھن محڪماتي جاچ ٿئي ٿي ته ان ۾ ٿيندو ائين آھي ته اھڙين انڪوائرين ۾ پوليس پنھنجن پٽي ڀائين کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي آھي، جنھن ڪري انصاف ٿي نه سگھندو آھي. انصاف صرف ۽ صرف تڏھن ممڪن آھي، جڏھن اھڙي مبينا مقابلن جي ڪا عدالتي جاچ ٿئي. اسان اھا گھر ڪرڻ ۾ حقي واجبي آھيون ته ڄاڻايل مشڪوڪ پوليس مقابلن جي عدالتي جاچ ڪرائي سچ سامھون آندو وڃي ۽ پوليس اھلڪار جڙتو مقابلي ۾ ماڻھو مارڻ ۾ ملوث ثابت ٿين ته انھن تي قتل جو ڪيس داخل ڪري انصاف جون گھرجون پوريون ڪيون وڃن.