اسٽيبلشمينٽ جي ‘اُڏام کٽولا سروس’

0
162
اسٽيبلشمينٽ جي ‘اُڏام کٽولا سروس’

پي ٽي آءِ سياسي جماعت ته هئي ئي ڪانه، هڪ ‘بندوبست’ هو، جيڪو جنرل حميد گُل جي ذهن جي ليبارٽريءَ ۾ تيار ٿيو ۽ ان جو تجربو ڪيو ويو. عمران خان کي نپائي ۽ تيار ڪري پهرين تجرباتي طور تي ان کي پنجن سالن لاءِ ڪي پي ڪي جي حڪومت ڏني وئي پر ان ۾ رڪارڊ ڪرپشن سامهون اچڻ باوجود اسٽيبلشمينٽ تجربي جي ناڪاميءَ کان پوءِ به ٻيو تجربو ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪئي ۽ ان کي وفاقي حڪومت جو ڇٽ به مٿي تي رکيو ويو. هن ٽن چئن سالن جي اقتدار ۾ ملڪ کي ڪنگال ڪري تباهه ڪري ڇڏيو. جڏهن ملڪ اُن حالت تي پهتو ته اسٽيبلشمينٽ کي ڏڪڻي وٺي وئي، ڇو ته اهو تجربو 1971ع واري صورتحال کان ڪنهن به ريت گهٽ خراب نتيجا آڻيندڙ نه هو. جڏهن عمران خان مان جند ڇڏائڻ جو فيصلو ٿيو ۽ تجربا ڪندڙ سپهه سالارن کي محفوظ رستي جي گُهرج ٿي ته پي ڊي ايم بنا دير جي پنهنجو ڪُلهو پيش ڪيو، توڙي جو عمران خان کي چُپ ڪرائڻ لاءِ ٿورو سوڙهو ڪيو ويو پر اسٽيبلشمينٽ وري به اها اُميد پئي رکي ته، اهو ندورو ٻار اڳتي هلي سُڌري سگهي ٿو، ان ڪري هن مان مُڪمل طرح هٿ نه ڪڍڻ گُهرجن. حميد گُل جي فيڪٽريءَ مان ان جي تياريءَ جو مقصد اهو هو ته، پ پ کي رستي تان هٽائجي ۽ نواز شريف کي نا اهل ڪجي، جيڪو مشن ڪاميابيءَ سان فِفٿ جنريشن وار جي ذريعي تڪميل تي پهچايو ويو. هاڻي عمران خان چوي ٿو ته، جنرل باجوه کيس اقتدار تان هٽائي “ڏوهه” ڪيو آهي پر سوال اهو به آهي ته، جڏهن جنرل باجوه کيس سڀئي رنڊڪون طاقت ۽ رٿابنديءَ سان هٽائي اقتدار ۾ آندو، اهو ڇا هو؟ هاڻي ته پ پ سميت مختلف جماعتون پي ٽي آءِ تي پابنديءَ جي حق ۾ آهن پر اسٽيبلشمينٽ شايد ان تي پابنديءَ جي حق ۾ نه هجي، اهو ڪم پي ٽي آءِ مان “پنهنجا ماڻهو” ڪڍي عمران کي اڪيلو ۽ بي اثر ڪرڻ سان به ٿي رهيو آهي. عائشه گلالئي به قاف ليگ ڏانهن هلي وئي. اسد عمر وري به ان اُميد سان ته کيس شايد پي ٽي آءِ ۾ ڪا ذميواري ملي، پارٽي نه ڇڏي آهي، صرف پارٽي عهدن تان استعيفا ڏني آهي. هاڻي وري به هو ڪنهن اشاري تي ساڳي جماعت ۾ اڇڻ لاءِ پر پيو ساهي. توڙي جو عمران خان پنهنجي نا اهليءَ جي صورت ۾ شاهه محمود قريشيءَ جي جانشينيءَ جو اعلان ڪري چڪو آهي، پر ان جي باوجود اسد عمر جي پارٽيءَ سان چهٽيل هجڻ واري عمل شاهه محمود قريشيءَ کي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پارٽي ۾ شاهه محمود جي ٽڪر جو ٻيو ڪو به اُميدوار پي ٽي آءِ ۾ نه رهيو آهي. پي ٽي آءِ جا ڀاڱا ڪرڻ ۽ ڌار ڌڙا ٺاهڻ لاءِ هڪ طرف جهانگير ترين سرگرم ٿي ويو آهي ته ٻئي طرف پي ٽي آءِ يوٿ ونگ ملتان ضلعي جي اڳوڻي صدر رائو ياسر پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ حقيقي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. 25 مئي تي پريس ڪانفرنس ۾ رائو ياسر چيو ته، اڄ يوم تڪريم جي موقعي تي پي ٽي آءِ حقيقي جو بُنياد رکي رهيا آهيون. ظاهر آهي ته رائو ياسر ايڏي وڏي شخصيت نه آهي، ان جي پويان به اهي ئي قوتون آهن، جيڪي پي ٽي آءِ ميمبرن کي اُڏام کٽولا مهيا ڪري رهيون آهن. ڦرلٽ، ڀڃ ڊاهه ۽ فوجي تنصيبات تي حملا ڪندڙ فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ فوج حوالي ٿي چُڪا آهن، گهڻا ڪارڪن جيلن ۾ آهن. عمران خان هڪ نسل کي ڏوهاري بڻائي ڇڏيو آهي. شيرين مزاري توبهه تائب ٿي پارٽي ۽ سياست ڇڏڻ جو اعلان ڪري چُڪي آهي. ايمان مزاري جي اها ميار ميڊيا جي توسط سان ماڻهن تائين پهتي ته عمران خان کي پنهنجي ڪارڪنن جو لاچار نه آهي پر ائين ڪونهي، عمران خان کي ته لاچار آهي. توهان ان جا مراد سعيد جي حياتيءَ بابت بيان ناهن ٻُڌا..؟

سو ڳالهه پئي ڪئيسين اُڏام کٽوليءَ جي مسافرن جي، عوامي مسلم ليگ جو سربراهه شيخ رشيد ته ٻُڌڻ ۾ نٿو اچي، جنهن جي وڪيل اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو هو ته، شيخ رشيد کي موجوده ڪريڪ ڊائون ۾ جان جو خطرو آهي. فردوس عاشق اعواڻ به سياست جي فردوس مان تڙجي وئي. اهو به دور هو، جڏهن ان مائيءَ جي ٻانهن پئي لڳندي هئي. تڙجڻ جي ڳالهه مون ان ڪري ڪئي ته اڳوڻي وزير اعظم (عمران خان) جي سڌ سماءُ بابت معاون ۽ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي سڌ سماءُ بابت معاون جي عهدن تان کيس تڙڻ واري نموني هٽايو ويو هو. فردوس عاشق اعواڻ جي پي ٽي آءِ ۾ اچڻ جي به هڪ ڪهاڻي آهي. چون ٿا ته کيس هڪ فون ڪال آئي ۽ چيو ويو ته، شام جي چانهه عثمان بوزدار وٽ پيئڻي آهي ۽ پي ٽي آءِ ۾ شموليت جو اعلان به ڪرڻو آهي، بس پوءِ ته واهه واهه ٿي وئي. اعلان به ٿي ويو ته عهدو به ملي ويو ۽ ان ايندي ئي پ پ کي ٽانڊا ڏئي ڇڏيا. توڙي جو هن ڀيري ان ڪوشش ڪري پيغام موڪليو ته، “مين منجي ڪٿي ڍاوان، مين ڪيڙي پاسي جاوان” پر کيس چيو ويو ته، سياست جي فردوس مان ئي نڪري وڃ. اها ڳالهه به ٻڌڻ ۾ آئي آهي ته، سياست جي دُنيا تياڳڻ کان اڳ فردوس عاشق اعواڻ پ پ قيادت کي به شموليت لاءِ قبولڻ جو پيغام موڪليو هو پر پ پ قيادت کيس چيو ته، تو جهڙي باڪردار عورت پ پ تي بار هوندي، ان ڪري “اپڻي گهوٽ” ۽ پنهنجي جماعت ٺاهي وٺو.

هن وقت “نوني” ۽ “پيپلا” پُر اُميد هئا ته جيڪو سندن اثاثو لُٽيو ويو هو، اهو کين واپس ملي ويندو پر اها اُميد پُوري نه ٿي، سواءِ دوست محمد مزاريءَ جي، جيڪو “نوني” ٿي ويو ۽ ٻُڌڻ ۾ آيو هو ته پرويز خٽڪ، جنهن جو ذڪر نڪرندي ئي اهو گانو ڪنن ۾ ٻُرڻ لڳندو آهي ته، “تار بجلي سي پتلي هماري پيا”، به پ پ قيادت سان اڻ سڌا رابطا ڪيا هئا پر جڏهن اها خبر عام ٿي ته، آڊيوز ۽ وڊيوز جي ڀانڊارين وڊيو ڪلپ مارڪيٽ ۾ آڻي ڇڏي، جنهن ۾ اڳوڻي بچاءُ واري وزير اهو چوندي ٻُڌو وڃي ٿو ته، “جنهن گهر تي پ پ جو جهنڊو هُوندو، اهو طوائف جو گهر هوندو”.

جيڪب آباد جيل جي گرميءَ جي سٽ نه سهندي علي زيدي به سياست جي دُنيا ڇڏي ويو. عمران خان جو قانوني مشير بابر اعواڻ لنڊن اُڏامي ويو آهي، توڙي جو هن پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ته نه ڪيو آهي پر عمران خان کي عدالتي مرحلن ۾ اڪيلو ڪري ويو آهي. عمران خان جي اڪيلائيءَ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳايو ته اڳي عمران خان جي ضمانت کڻڻ لاءِ  قطارون لڳل هونديون هيون پر تازو عمران خان جو هڪ ننڍڙو ملازم ضمانت لاءِ مچلڪا جمع ڪرائڻ آيو پر اهي به جمع ڪونه ٿي سگهيا. بابر اعواڻ پهرين ضياءَ فائونڊيشن جو اڳواڻ هو، پوءِ پ پ ۾ شامل ٿيو، بعد ۾ پي ٽي آءِ ۾ قانوني مشاورت جا جوهر ڏيکاريائين ۽ جڏهن پي ٽي آءِ مان پکي اُڏامندا ويا ته پاڻ انهن تي طنز ڪندي چيو هئائين ته، “اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڊيپوٽيشن تي موڪليل پنهنجن ماڻهن کي واپس رپوررٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.” پر پوءِ دير ئي نه ٿي، جو پاڻ لنڊن ڏانهن اُڏامي ويو.

جڏهن اڃان گهڻا پکي اُڏامڻ لاءِ مس پَرَ ساهي رهيا هُئا ته، ان وقت صحت جو اڳوڻو وفاقي وزير عامر ڪياني اُڏام ڀري چُڪو هو، هُو پي ٽي آءِ جو مرڪزي ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل پڻ هو، جيڪو هاڻي نه صرف پارٽي پر سياست به ڇڏي چُڪو آهي. پي ٽي آءِ حڪومت ۾ جيڪو پهريون ڪرپشن اسڪينڊل پڌرو ٿيو، اهو عامر ڪياني جو هو. جڏهن حڪومت دواساز ڪمپنيءَ کي 5 سيڪڙي کان 19 سيڪڙي تائين دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي اجازت ڏني پر دوائن جي قيمتن ۾ 50 سيڪڙي کان 150 سيڪڙي تائين واڌ ڪئي وئي ۽ نيٺ معاملو چون ٿا ته، 53 ڪروڙن ۾ طئي ٿيو. عمران خان کيس عهدي تان هٽائي جاچ جو حُڪم ڏنو پر هڪ پراڻي ساٿيءَ جي معرفت وٺندڙن کي 25 ڪروڙ رپيا تبرڪ ۽ نذرانو ڏئي ڪلين چِٽ ورتائين، پهرين پارٽي جو عهدو ۽ پوءِ وزارت ملي وئي.فواد چوڌري به توبهه تائب ٿي پارٽي پر سياست به ڇڏي ويو آهي. فواد چوڌري جو سڄو خاندان پ پ ۾ رهيو آهي. سندن چاچو چوڌري الطاف حسين پنجاب جو گورنر هو ۽ ٻيو چاچو چوڌري افتخار حسين لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس رهيو آهي. فواد سياست ۾ سرگرم ٿيڻ کان اڳ ٽي وي چينلن تي اينڪر پرسن پڻ رهيو، پوءِ قاف ليگ کان ٿيندو پي ٽي آءِ ۾ پهتو. سندس زال حبه فواد چوڌري آمريڪي شهري آهي. اها سياست ۾ پنهنجي مڙس جي ميراٿن (ريس) واري هيڏي تذليل کان پوءِ کيس سياست ڪرڻ ڏيندي، اهو مشڪل ٿو نظر اچي.

هن وقت عمران خان اڪيلو ٿي ويو آهي. جيڪو ماڻهو تقريرن ۽ پريس ڪانفرنسن ۾ ڌمڪيون ڏيندو هو، ان جو لهجو هاڻي روئڻهارڪو ٿي ويو آهي. هو اسٽيبلشمينٽ کي ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ايلاز پيو ڪري. فوجي ڪورٽ ۾ ٽرائل واري حڪومتي ڌمڪيءَ ويتر ان مان هوا ڪڍي ڇڏي آهي. ڪجهه خبرون ان جي “گهريلو گهوٽالي” بابت به گردش ۾ آهن. صدر مملڪت به هن ڀيري عمران خان کان پڇڻ کانسواءِ ئي ججن کان سوموٽو جي تلوار کسڻ واري بل تي خاموشيءَ سان صحي ڪري ڇڏي آهي، جيڪو پڻ عمران خان لاءِ هڪ وڏو جهٽڪو ۽ صدر جون راهون ڌار ڪرڻ وارو عمل سمجهيو پيو وڃي. عمران خان جو نالو اي سي ايل ۾ به شامل ڪيو ويو آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ ڏسجي ته اسٽيبلشمينٽ جو اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي!

[email protected]