هيري ۽ ميگهن جي شاهي محل مان نيڪالي تي فلم تيار

0
168

لنڊن(شوبز نيوز) برطانيا جي شهزادي هيري ۽ سندس گهرواري ميگهن مارڪل جي زندگي تي ٺهيل فلم هيري اينڊ ميگهن اسپيڪنگ دي پيلس جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. فلم جي ٽريلر جي هڪ منظر ۾ ميگهن مارڪل کي محل کي ويندي فرش تي ڪريل ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن ته شهزادو هيري کيس سنڀالي رهيو آهي. هيري ۽ ميگهن جي زندگي تي ٻڌل فلم آمريڪا ۾ 6 سيپٽمبر تي رليز ڪئي ويندي، جڏهن ته برطانيا ۾ رليز جي تاريخ جو اعلان اڃا تائين نه ڪيو ويو آهي. آمريڪي اداري لائف ٽائم جي هيري ۽ ميگهن تي اها ٽين فلم آهي، ان کان اڳ 2018ع ۾ هيري اينڊ ميگهن اي رائل رومانس ۽ 2019ع ۾ هيري اينڊ ميگهن بڪمنگ رائل رليز ٿي چڪيون آهن.