ون ڊي جو ٽي 20 ۾ پلاند: پاڪستان پهرين ميچ ۾ انگلينڊ کي هارائي ڇڏيو

0
242

ناٽنگهم (اسپورٽس نيوز) پاڪستان پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ انگلينڊ کي 31 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي. ناٽنگهم ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 232 رنسن جو جبل بيهاري ڇڏيو. ڪپتان بابر اعظم ۽ محمد رضوان ٽيم کي 150 رنسن جي جارحاڻي شروعات فراهم ڪئي، ان دوران ٻنهي اوپننگ بيٽسمينن پنهنجون ففٽيون به اسڪور ڪيون. بابر اعظم 85 ۽ محمد رضوان 63 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن کانپوءِ رهيل ڪسر صهيب مقصود، فخر زمان ۽ محمد حفيظ ڪڍي ڇڏي. صهيب 7 بالن تي 19، فخر 8 بالن تي 26 ۽ حفيظ 10 بالن تي 24 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي. جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم 19.2 اوورن ۾ 201 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ليام ليونگسٽن 103 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي به ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهيو. پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ شاداب خان 3-3 وڪيٽون ورتيون. شاهين آفريدي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.