حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هوسڙي جي ڳوٺ ڄام وڪو ۾ پورهيت جي گهر کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب اوچتو باهه وڪوڙي وئي. باهه لڳڻ سبب پورهيت محڪوم الدين وڪو جي گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. علائقي واسين باهه جو اطلاع فائربرگيڊ عملي کي ڏنو پر فائربرگيڊ عملو نه پهتو جنهن ڪري ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائي. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پورهيت جي گهر کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳي هئي جنهن ڪري سندس گهر جو الهه تلهه سڙي ويو آهي. پورهيت گهرڀاتين سميت کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار بڻيل هو پر ڪنهن سندس سهائتا نه ڪئي.