سکر(بيورو رپورٽ)سکر انتظاميا رات جو دير تائين کليل 5 کان وڌيڪ دڪانن کي سيل ڪري مٿن 25، 25 ھزار ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آھي. پر اِن باوجود ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي ملي ڀڳت سبب سکر ۾ اڌ رات تائين ھوٽلز، دڪان توڙي شادي ھالز پڻ کليل ھجن ٿا، جڏھن تھ سنڌ حڪومت طرفان تعليمي ادارن کي پھرين کان 8 جماعت جا اسڪول بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ھو پر ڪيترن ئي پرائيويٽ اسڪولن حڪومت جي اھڙي حڪم کي ٿڏيندي پھرين کان اٺين جماعت جون ڪلاسون ھلائڻ وارو سلسلو جاري آھي، جڏھن تھ شھر جون مصروف ترين مارڪيٽون، خريداري مرڪز، شادي ھالن ۾ عوام جا ھجوم آھن، جِتي ماسڪ توڙي سماجي وٿي وارين ھدايتن کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو پيو وڃي. پر سکر جي انتطاميا سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل طور غير ذميواري جو مظاھرو ڪري رھي آھي.