گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ جي مختيارڪار پاران سپريم ڪورٽ جي حڪم تي گئوشالا جي ملڪيت ڄاڻائي شھر جي شيخ چوڪ لڳ سيل ڪيل 26 دڪانن جا تالا گمبٽ انتظاميا ۽ دڪاندارن وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد کوليا ويا آهن. پ پ اڳواڻ ڊاڪٽر اسد شيخ جي ڪوششن سان اسسٽنٽ ڪمشنر گمبٽ جي آفيس ۾ دڪاندارن ڳالھيون ڪيون ۽ اسٽام پيپر تي اقرار نامو لکي ڏنو. جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مختيارڪار گمبٽ پاران گئوشالا جي ملڪيت ڄاڻائي سيل ڪيل دڪانن جا دستاويز ۽ رجسٽري وٽن موجود آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي مان ڏيندي نظرثاني لاءِ سول ڪورٽ ۾ وينداسين ۽ دڪانن جي مالڪي جا دستاويز رجسٽري عدالت ۾ جمع ڪرائينداسين، دستاويزن جي جاچ بعد عدالت جيڪو فيصلو ڏيندي اُھو قبول ھوندو. جنھن بعد اھڙي اطلاع تي دڪاندار ۽ شھري وڏي انگ۾ شيخ چوڪ تي گڏ ٿي ويا ۽ خوشي جو اظھار ڪيو.