جيڪب آباد/همايون شريف (نمائندن وٽان) همايون شريف ويجهو مڇي جي تلاءَ جي تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي، وارثن جو چوڻ آهي ته حملو ڪندڙ هڪ نوجوان کي اغوا ڪري ويا آهن، واقعي خلاف قومي شاهراهه تي 2 ڪلاڪ ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، خبر موجب ڪوريجا معرفاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ مڇي جي تلاءَ جي هلندڙ تڪرار تان هڪ ڌر جي هٿياربندن جهان واهه ٿاڻي جي حد ڳوٺ نواب ڪوريجو ۽ ڳوٺ شعيب ڪوريجو تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا وقار علي ڪوريجو ۽ غلام سرور ڪوريجو گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ منتقل ڪيو ويو، جتي علاج دوران نوجوان وقار ڪوريجو زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. مقتول نوجوان جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي بعد ڪوريجا برادري جي ماڻهن شڪارپور جيڪب آباد قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي 2 ڪلاڪ روڊ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري سوين گاڏين بيهجي ويون. احتجاج ڪندڙن چيو ته معرفاڻي برادري جا ھٿياربند سندن هڪ نوجوان الطاف احمد ڪوريجوکي اغوا ڪري ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته اغوا ٿيل نوجوان کي بازياب ڪرائي حملي ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. بعد ۾ ڊي ايس پي سلطان ڪوٽ ڌرڻي واري ھنڌ پھچي احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن سان ڳالهيون ڪري جوابدارن خلاف ڪارروائي جي خاطري ڪرائي جنهن کانپوءِ روڊ کوليو ويو. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.