سکر (رپورٽ: فاروق سومرو)سکر جي آباد ٿاڻي جي حد بس ٽرمينل ويجھو ڊينٽر پينٽر جي دڪان تي ڪم ڪندڙ نوجوان سجاد جمالي مٿان سندس سئوٽ جوابدارن بلاول ۽ صدر الدين جمالي پسٽل سان فائرنگ ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ سجاد جمالي 3 گوليون لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال سکر آندو ويو، جِتي ھو زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو.ڊاڪٽرن موجب مقتول کي ٽي گوليون لڳيون، تمام گھڻو خون ضايع ٿيڻ ڪري ھو زخمن جا تاب نه سھندي فوت ٿي ويو.پوليس مختلف ھنڌن تي ڇاپا هڻي مک جوابدار بلاول جمالي کي قتل ۾ استعمال ٿيل ٽي ٽي پسٽل ۽ گولين سميت گرفتار ڪري ورتو.ايس ايچ او آباد موجب گرفتار جوابدار پوليس آڏو ڏوھ جو اعتراف ڪيو ته سجاد جماليءَ جا ڀيڻ سان لاڳاپا ھئا، تنھن ڪري غيرت ۾ اچي کيس قتل ڪيو آھي.ٻئي طرف مقتول جي ڀاءٌ پوليس کي بيان ڏنو آھي ته اسان کي اِن معامري جي ڪا به ڄاڻ ناھي، ڀاءٌ گاڏين جو مستري ھو، جيڪو معمول موجب پنھنجي روزيءَ سان لڳل ھو ته بيگناھ کيس گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي، ھن ٻڌايو ته اسان جو جوابدارن سان ڪو رت جو رشتو ناھي صرف ذات جا آھن.