ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ لياري جي چاڪيواڙي واري علائقي مولا مدد آريان پلازا ۾ ڪريڪر ڌماڪو ٿيو ، ايس ايچ او چاڪيواڙي موجب نامعلوم موٽرسائيڪل سوار ماڻهن ڪريڪر اڇلايو، ڌماڪي سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال پکڙجي وئي. پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري علائقي ۾ پهچي وئي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ موجب ڌماڪو ڪريڪر ذريعي ڪيو ويو.