ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بفرزون جي سيڪٽر 16 اي ۾ جھيڙي دوران ڪٺور دل پيءَ ء پنهنجي کير پياڪ ٻار کي هيٺ اڇلائي ڇڏيو، پوليس موجب گھر اندر زال مڙس ۾ جھيڙو ٿيو، جھيڙي دوران مڙس ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي کير پياڪ ٻار کي هنج مان هيٺ اڇلائي ڇڏيو، جنهن کي زخمي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.