لاهور(شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪار همايون سعيد ساٿي اداڪار شان شاهد کي پاڪستاني فلمن تي تنقيد جو جواب ڏئي ڇڏيو. ٽوئٽر تي همايون سعيد شان شاهد کي مخاطب ڪندي لکيو ته هيڏانهن به ويندس هوڏانهن به ويندس ۽ “ضرار” ڏسڻ به ويندس. همايون سعيد شان شاهد جي نئين ايندڙ فلم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار به ڪيو. شان شاهد پنهنجي بيان ۾ ڪنهن اداڪار يا فلم جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو هو ته پاڪستاني ڊائريڪٽرز يا رائٽرز “هيڏانهن نه وينديس ۽ هوڏانهن نه وينديس” مان نڪري نون موضوعن طرف اچن. اداڪار چيو هو ته ڊائريڪٽرز يا رائٽرز ڪافي موضوعن تي هٿ نه ٿا وجهن، سائنس فڪشن ۽ هارر فلمن کي اسان استعمال ئي نٿا ڪريون.