سکر(بيورو رپورٽ) پرائم منسٽر يوٿ پروگرام ٽئلينٽ هنٽ يوٿ اسپورٽس ليگ تحت ھاڪي راند جا ٽرائل ھاڪي اسٽيڊيم سکر ۾ پڄاڻيءَ تي پهتا، ٻن ڏينھن تائين ھلندڙ ٽرائلز ۾ سکر ضلعي جي سرڪاري گرلز ڪاليجن، اسڪولن جي شاگردياڻين، شاگردن جي وڏي انگ حصو ورتو. جڏھن ته ٽيلينٽ هنٽ يوٿ اسپورٽس ليگ هاڪي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ۽ هاڪي جي اڳوڻي بين الاقوامي رانديگر مبشر مختيار ٽرائلز جو چوڻ آھي ته ٽيلنٽ هنٽ اسپورٽس ليگ تحت سکر ۾ ٿيندڙ 2 ڏينهن واري ٽرائلز ۾ تقريبن سوين ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن حصو ورتو. هن چيو ته ٽرائلز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پھرين ڊويزن سطح تي ٽيمون جوڙيون وينديون جن جا پاڻ ۾ مقابلا ٿيندا، مقابلن ۾ سٺي راند جو مظاھرو ڪندڙن مان سنڌ سطح تي ٻه ٽيمون جوڙيون وينديون جيڪي نيشنل سطح تي ھاڪي راند جي ٿيندڙ مقابلن ۾ حصو وٺنديون.