هالا (ن پ ا) خوراڪ کاتي ڪارروائي ڪري غيرقانوني طريقي سان رات جي اونداهي ۾ ٻين صوبن ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ڏانهن ڪڻڪ منتقلي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. ان ڏس ۾ ڪراچي ويندڙ ٽرالرن ۽ ٽرڪن کي روڪڻ لاءِ ڊي ايف سي متياري جي هدايت تي فوڊ انسپيڪٽر هالا يونس مسيح پنهنجي عملي سان شهميرراهو کان ڇنڊڻ موري تائين گشت ڪندي هڪ هفتي دوران غيرقانوني طريقي اسمنگلنگ ٿيندڙ هزارين ڪڻڪ جون ٻوريون هالا جي گدام تي لاهي ورتيون.