ٽنڊو جان محمد (ن پ ا) ٽنڊوجان محمد ڀرسان ڳوٺ دوست علي ڪلوئي جو رھواسي 17 ورهين جو پرويز علي پٽ ذوالفقار عرف ڀٽو ھلندڙ رڪشي تان روڊ تي ڪري سخت زخمي ٿي پيو، وارثن کيس طبي امداد لاءِ اسپتال نيو پئي ويو ره نوجوان رستي ۾ ئي زخمن جا سور نه سھندي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن سبب وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.