ھالا (ن پ ا) ھالا ڀرسان سالارو ٿاڻي جي حد ۾ بگٽي ۽ مري برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن زخمين ۾ جميل احمد بگٽي، رسول بخش بگٽي، پانڌي خان، جان محمد بگٽي، احمد علي بگھٽي  شامل آهن بگٽي برادري جي ماڻهن الزام هڻندي چيو آهي ته مري برادري جي ماڻهن اسان مٿان حملو ڪري هڪ لک رپيا روڪ رقم ۽ 2 موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا آھن مزاحمت تي اسان جي ماڻهن کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي جھيڙي ۾ بگٽي برادري جي زخمين کي تعلقا اسپتال ھالا آندو ويو جتي 2 ڪلاڪ زخمي تڙپندا رھيا پر ڪو ڊاڪٽر موجود نه ھو زخمين کي حيدرآباد ريفر ڪرڻ لاءِ ايمبولنس موجود نه ھئڻ، زخمين جو صحيح علاج نه  ٿيڻ ۽ ڊاڪٽر موجود نه ھئڻ خلاف ھالا اسپتال ۾ منصور بگٽي پاران احتجاج ڪيو ويو. آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.