ڪوٽڙي  ڪبير (ن پ ا)ڪوٽڙي  ڪبير ڀرسان  ڳوٺ کبڙ وڌڻپوٽا  جي رهواسين گل حسن خاصخيلي، اميد علي خاصخيلي، شمن علي خاصخيلي، اسماعيل خاصخيلي،  عبدالمجيد خاصخيلي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيندي چيو ته جوابدارن اسان جي گهر ۾ گهڙي فائرنگ ڪري مير حسن خاصخيلي کي زخمي ڪيو، هڪ  جوابدار پڪڙي پوليس حوالي ڪيو هو، پوليس جوابدار کي ڇڏي ڏنو آهي، جوابدار ڌمڪائين پيا، انصاف ڪيو وڃي.