سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ۾ وڏيرن جي ظلم خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان ڏس ۾ ڳوٺ شھداد شر  واسين گھر تي حملو ڪرڻ ۽ ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف شاھد شر، عبدالرحيم گرھوڙي شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين کپرو_ ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان  موقعي تي مظاهرين دانهيندي چيو ته اسان جي زمين تي بااثر قبضو ڪيو آهي، جوابدارن سان جي گهرن تي حملا ڪيا، پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري، اسان جي عورت کي به گم ڪيو ويو آهي، نوٽيس ورتو وڃي. ٻي طرف  الزام ھيٺ آيل سيف الله شر ٻڌايو موجب ته شاھد شر نشئي ماڻھو آھي بليڪنگ ميلنگ ڪري پئسا ٿو گھري، ان سڄي معاملي جو فيصلو لکت ۾  ٿيل آھي.