هالاڻي واسي 10 ساله نينگر 4 ڏينهن کان گم، وارث پريشان

0
336

هالاڻي: ھالاڻي شھر جو رھواسي 10 سالا نينگر نصرالله ولد واحد بخش سولنگي گذيل چئن ڏينھن کان گم ٿي ويو آهي جنھن جي ڪافي ڳولھا ڪرڻ بعد به پتو نه پئجي سگھيو، ھو ڏانھن گم ٿي ويل نينگر نصرالله جي پي واحد بخش سولنگي ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته منھنجو پٽ چئن ڏينھن کان لاپتا آھي ھن جو ذھني توازن به مڪمل صحيح آھي، ٻه مھينا اڳ ھن جي ماء فوت ٿي وئي آھي. پٽ چار ڏينھن اڳ دوڪان جو چئي گھر نڪتو ھو جيڪو دوڪان تي نه پھتو، چئن ڏينھن کان واپس نه موٽيو آھي ڪافي ڳولھا ڪرڻ کان پوء به ھينئر تائين ڪو به پتو ناھي پئجي سگھيو. ھن اپيل ڪندي چيو ته منھنجي پٽ جي ڳولھا ۾ سندس مدد ڪئي وڃي، مون پٽ نصرالله جي گمشدگي جي رپورٽ ھالاڻي ٿاڻي تي ڏني آھي پر ھن وقت تائين به پوليس ڪابه مدد نه ڪئي آھي