لاهور (م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) فرحت شهزادي عرف فرح گوگي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ حاصل ڪري ورتا آهن. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته مني لانڊرنگ ڪيس ۾ فرح گوگي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ حاصل ڪيا ويا آهن. نيب ذريعن موجب فرح گوگي جا وارنٽ مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ ۾ شامل نه ٿيڻ سبب حاصل ڪيا ويا، جڏهن ته ايف آءِ اي فرح گوگي خلاف مني لانڊرنگ جا ناقابل ترديد ثبوت حاصل ڪري ورتا آهن. ذريعن موجب جاچ دوران فرح گوگي جي نالي تي اربين رپين جا بئنڪ اڪائونٽس سامهون آيا آهن، جنهن بعد فرح گوگي کي انٽرپول ذريعي گرفتار ڪري پاڪستان آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.