بيجنگ (م ڊ) چيني بينڪ پاڪستان لاءِ 1.3 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ناڻي وزير موجب هي قرض پاڪستان تازو چيني بينڪ آءِ سي بي سي کي واپس ڪيو هو جيڪو پاڪستان کي واپس ڏنو ويندو، قرض جي رقم چين کان پاڪستان کي ٽن قسطن ۾ ملندي،قرض جي پهرين قسط 50 ڪروڙ ڊالر اسٽيٽ کي ملي وئي آهي،