ڪراچي (م ڊ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت اليڪشن ڪرائڻ جو مطالبو  ڪندي چيو آهي ته عمران کي آرمي چيف سان ملي غلط فهمي ختم ڪرڻ گهرجي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته عمران خان کي آرمي چيف سان ضرور ملڻ گهرجي، جيڪا غلط فهمي پيدا ٿي آهي يا ڪئي وئي آهي ته عمران خان اقتدار ۾ آيو ته تحريڪ انصاف ۽ پاڪ فوج ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي، ان غلط فهمي کي ختم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ن ۽ ش ۾ ورهايل خاندان ۾ عقل آهي ته 48 ڪلاڪن اندر اسيمبلي ٽوڙي، هڪ ئي وقت اليڪشن ٿيڻ سان هنن کي فائدو ٿيندو نه ته سندن صفايو ٿي ويندو، صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي چونڊ گڏ ڪرائي وڃي، هنن پنهنجي سياست نه پر پوري رياست کي داع تي لڳائي ڇڏيو آهي،  پاڪستان جي عظيم ذميوارن کي هڪ ئي وقت اليڪشن ڪرائڻ گهرجي، فوج اهم ادارو آهي،منهنجو هاڻ ڪنهن سان رابطو ناهي، گهرو وزارت هجڻ وقت رابطا ۽ ملاقاتون ٿينديون هيون، هن چيو ته سياست  ۾ دم درود ۽ دعائن جي ضرورت رهندي آهي، پاڪستان اندران ٻڏي رهيو آهي، سرحدن تي خطرو ناهي، جنرل باجوه مونکي پاڻ چيو هو ته شهبازشريف سان ملو. هن چيو ته نوازشريف هاڻ ته واپس اچي، سندس ڀاءُ وزيراعظم آهي، واپس اچي ته خبر پئجي ويندي ووٽ ٿا پون يا ٻئي شئي پوي ٿي،  10 کان 15 ۾ حالتون ٺيڪ ٿيندي ڏسان پيو. شيخ رشيد چيو ته نواز ليگ جي تباهي ٿي آهي، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ سياست ڪري رهي آهي.