اسلام آباد: نيب آرڊيننس ۾ 120 ڏينهن واڌ، اوگرا ترميم  سميت 16 بل به هڪ ئي ڌڪ ۾ منظور ٿي ويا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي سخت مخالفت باوجود وزيراعظم  جي پارلياماني معاملن بابت وزير بابراعواڻ اوگرا ترميمي بل 2021 پيش ڪيو جنهنجي اڪثريت راءِ سان منظوري ڏني وئي، جڏهن ته پاڪستان نرسنگ ڪائونسل ترميم، هيلٿ ڪيئر مينجمينٽ اٿارٽي ۽ سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن جا بل پڻ  منظور ڪيا ويا، اسلام آباد صحت سهولتن واري اٿارٽي بل 2021، عورتن کي هراسان ڪرڻ خلاف تحفظ جو بل به اڪثريت راءِ سان منظور ٿي ويا، بلن ۾ مخالف ڌر جون ترميمون شامل نه ڪيون ويون ۽ نه ئي انهن تي بحث ڪرايو ويو.