اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن کي شڪست، حڪومت مني بجيٽ ۽ اسٽيٽ بينڪ ترميم بل هڪ ئي ڏينهن 16 بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪرائڻ  ۾ ڪامياب، ماني، کير، ڏهي، امپورٽڊ گوشت، موبائل فون، صنعتي ۽ زرعي اوزار  ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿينديون، اپوزيشن جون سموريون ترميمون رد ڪيون ويون، ايوان ۾ گوڙ، هنگامو، ڊپٽي اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ، ناڻي واري وزير شوڪت ترين دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ليپ ٽاپ ۽ ٻارن جي کير تان ٽيڪس واپس ورتي آهي، اپوزيشن جي واويلا اجائي آهي، عام ماڻهن تي اثر نه پوندو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيو، ناڻي وزير شوڪت ترين ضمني مالياتي بل 2021ع منظوري لاءِ پيش ڪيو، حڪومت وٽ ايوان ۾ مني بجيٽ جي منظوري لاءِ 18 ميمبرن جي اڪثريت موجود هئي. قومي اسيمبلي جو ايوان هن وقت 342 ميمبرن تي ٻڌل آهي، حڪومت وٽ 182، جڏهن ته اپوزيشن وٽ 160 ميمبر آهن، اجلاس ۾ اپوزيشن جا 10 ۽ حڪومت جا 14 ميمبر غير حاضر رهيا، ائين حڪومت وٽ 18 ميمبرن جي اڪثريت موجود رهي. وزيراعظم عمران خان ايوان ۾ پهتو ته حڪومتي ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس آجيان ڪئي، جڏهن ته اپوزيشن ميمبرن طرفان سخت نعريبازي ڪئي وئي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ايوان ۾ مني بجيٽ تي ترميمون پيش ڪندي چيو ته نان، چپاتي،  ڊبل روٽي، کير، ليپ ٽاپ، ريسٽورنٽس، ملٽي ميڊيا جي درآمد تان ٽيڪس واپس ورتو وڃي، جڏهن ته ناڻي وزير بلاول ڀٽو جي ترميمن جي مخالف ڪئي، اپوزيشن اڳواڻ محسن داوڙ، شاهد خاقان عباسي ۽ نويد قمر ترميمون  پيش ڪيون، جيڪي اسپيڪر ها ۽ نه جي آواز ذريعي ترميمون رد ڪري ڇڏيون، جنهن تي اپوزيشن احتجاج ڪيو، اسپيڪر مني بجيٽ جي شق وار منظوري دوران هڪ ڀيرو ڳڻپ ڪرائي ته حق ۾ حڪومتي ميمبرن جا 168 ۽ اپوزيشن طرفان مخالفت ۾ 150 ووٽ آيا، باقي ترميمن تي اسپيڪر ها يا نه ذريعي ووٽنگ تي ها جي حق ۾ فيصلو ڪندو رهيو، مخالف ڌر جي لاڳيتو مطالبي بعد اسپيڪر ٻيهر راءِ شماري ڪرائي، جنهن بعد اپوزيشن جي حق ۾ 146 ۽ حڪومت جي حق ۾ 163 ووٽ پيا. اهڙيت ضمني مالياتي ترميمي بل 2021ع اپوزيشن جي احتجاج ۽ گوڙ دوران اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پنهنجون ترميمون ناڻي وزير جي خاطري تي واپس وٺي ڇڏيون.  پاس ڪيل مني بجيٽ کانپوءِ 343 ارب جي ٽيڪس رعايت ختم ٿي ويندي، هزار سي سي کان وڏيون گاڏي مهانگيون ٿي وينديون، ٽي وي ڊراما ۽ پرڏيهي فنڪارن جي اشتهارن تي به ٽيڪس لڳندو، هيلٿ ڪلب، جم، انڊور اسپورٽس ۽ مساج گهرن ۾ ويندڙن کي به اضافي پيسا ڀرڻا پوندا، لانڊري، ڊري ڪلينر، ڪار ڊيلرز، آٽو ورڪشاپس، صنعتي مشينري، شادي هالز، ڪيٽرنگ ۽ شاميانن جي خدمتن تي اضافي ٽيڪسز لڳايا ويا، ويب ڊزائننگ، هوشنگا ۽ ڪال سينٽرز تي 5 سيڪڙو ايڊوانس انڪم لاڳو ڪئي وئي، زيور ۽ مهانگا درآمدي فون وڌيڪ مهانگا ٿي ويندا، پولٽري فيڊ، زرعي ٻج، اوزار، ڪيميڪل، بيٽري، ڪڪڙ جو درآمدي گوشت، کير، ڏهي، ماچيس، پنير، مکڻ ۽ ديسي گيهه جون قيمتون به وڌنديون، ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين ضمني مالياتي بل 2021 ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ۽ چيو ته فنانس بل تي اپوزيشن جي واويلا بي بنياد آهي، ناڻي وزير چيو ته ليپ ٽاپ، سولر، ڊبل روٽي، کير ۽ ٻين ننڍين شين کي ٽيڪس مان ڪڍيو ويو آهي، مني مالياتي بل جو مقصد معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ آهي، ڪجهه ترميمون منظور ڪيون ويون آهن، اپوزيشن جي واويلا بي بنياد آهي ته مهانگائي جو طوفان ايندو، نوان ٽيڪس نه لڳائي رهيا آهيون، عام ماڻهن تي اثر نه پوندو.  شاهد خاقان عباسي ناڻي وزير کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اهو نه ٻڌايو ته ڪهڙيون شيون مهانگيون ٿينديون، اهو ٻڌايو ته ڪهڙيون شيون مهانگيون نه ٿينديون، هر مهيني 4 رپيا پيٽرول مهانگو ٿي رهيو آهي، مٿان وري 350 ارب جا نوان ٽيڪس لڳايا پيا وڃن، عوام کي انهن جو قصور ٻڌايو؟ بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن توهان ڪجهه ترميمون منظور ڪيون آهن ته مطلب اسانجون ترميمون منظور ڪيون ويون آهن، جنهن تي ناڻي وزير جواب ڏيندي چيو ته نه اسان پنهنجن ماڻهن جي چوڻ تي ڪجهه ترميمون پاس ڪيون آهن، ڳاڙهن مرچن ۽ آيوڊين مليل لوڻ تان ٽيڪس واپس ورتو ويو آهي، هوڏانهن  اسٽيٽ بينڪ مالي ۽ انتظامي طور خودمختيار، قومي اسيمبلي اسٽيٽ بينڪ ترميمي بل به منظوري ڪري ورتو، ڊپٽِي اسپيڪر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وزير اسٽيٽ بينڪ ترميمي بل به ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو، جنهن جي اپوزيشن مخالفت ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر ترميمي بل جي شق وار منظوري شروع ڪئي ته اپوزيشن ميمبرن ” جيڪو آءِ ايم ايف جو يار آ، غدار آ، غدار جا نعرا هنيا، اپوزيشن ميمبر پلي ڪارڊ کڻي ڊپٽي اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ ڪيو ۽ ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون، احسن اقبال چيو ته اسپيڪر صاحب درخواست آهي ته بل تي هر ميمبر کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏيو، التجا آهي ته سڀاڻي بل تي سڄو ڏينهن بحث ڪريو، اسان اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياري جو سودو ٿيڻ نه ڏينداسين، ناڻي وزير شوڪت ترين جواب ڏيندي چيو ته اسان وٽ اسٽيٽ بينڪ کي هلائڻ جي پوري اٿارٽي هوندي، اسٽيٽ بينڪ جو بورڊ آف گورننس حڪومت مقرر ڪندي، اڳوڻين حڪومت ساڍن 7 ٽريلين جا نوٽ ڇاپيا، اپوزيشن جي گوڙ ۽ احتجاج دوران اسٽيٽ بينڪ جو ترميمي بل به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، منظور ڪيل اسٽيٽ بينڪ ترميمي بل موجب حڪومت مرڪزي بينڪ کان قرض نه وٺي سگهندي، مانيٽري اينڊ فسڪل ڪوآرڊيننس بورڊ ختم ڪيو ويندو، ناڻي وزير ۽ گورنر اسٽيٽ بينڪ رابطو رکندا، گورنر اسٽيٽ بينڪ جو مدو 3 سال بدران 5 سال هوندو، کيس احتساب کان به مڪمل رعايت هوندي، ناڻي وزير شوڪت ترين دعويٰ ڪندي چيو آهي ته اسٽيٽ بينڪ هلائڻ جي مڪمل اٿارٽي هوندي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته اسٽيٽ بينڪ هاڻ صرف عالمي ادارن کانسواءِ ڪنهن آڏو جوابده نه هوندو، اوهان عوام وٽ نه ويندا ته اسان اوهان کي عوام وٽ وٺي وينداسين.