اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ جوڙيل خصوصي ڪاميٽي جو ڪالهه طلب ڪيل اجلاس ملتوي ڪيو ويو، جنهن جي تصديق ڪندي ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آھي ته هن ڪاميٽي جو نون صوبن جي بل بابت غور ڪرڻ جو مينڊيٽ نه آھي جيڪي چون پيا ته ڪاميٽي نوان صوبا ٺاهڻ جي بل تي غور ڪندي اهي غلط بياني ڪن پيا. هن چيو ته هزاره صوبي بابت بل جي حوالي سان اسپيڪر سان ڳالهائيندس اهو بل لاڳاپيل ڪاميٽي کي موڪليو وڃي، منفي سوچ رکندڙن اها ڳالھه پکيڙي ته ڪاميٽي نون صوبن جي بل تي غور ڪندي، ان حوالي سان فيصلو عام چونڊن بعد ايندڙ اسيمبلي کي کي ڪرڻ گهرجي، ياد رهي ته ڪاميٽي جي قيام جو اسيمبلي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو هو ته ڪاميٽي نون صوبن جي قيام واري بل تي غور ڪندي ان بعد 30 ڊسمبر تي نئون ترميمي نوٽيفڪيشن جاري ٿيو جنهن ۾  سيد خورشيد شاهه واري ڪاميٽي کي اقليتن جي سيٽن ۾ اضافي واري بل جو جائزو وٺندي.